اسلام آبادپاڪستان

پختونخوا مان چونڊيل شوڪت ترين سينيٽر جو قسم کڻي ورتو

اسلام آباد : سينيٽ جي اجلاس ۾ خيبرپختونخوا مان چونڊيل سينيٽر شوڪت ترين حلف کڻي ورتو آهي. تفصيل مطابق گذريل مهيني خيبرپختونخوا سان تعلق رکندڙ سينيٽر ايوب آفريدي سينيٽ جي سيٽ تان استيعفا ڏئي ڇڏي هئي، جنهن کانپوءِ شوڪت ترين لاءِ سينيٽر ٿيڻ جو رستو گهڙيو ويو هو. خيبرپخونخوا مان سينيٽ جي سيٽ تي اليڪشن ۾ ڪل 122 ووٽ ڪاسٽ ڪيا ويا، جنهن مان 9 ووٽ رد ٿيا 113 ووٽن مان 87 ووٽ کڻي شوڪت ترين سينيٽر چونڊيو ويو. عوامي نيسنل پارٽي جي اميدوار شوڪت امير زاده ۽ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي اميدوارن ظاهر شاهه کي 13-13 ووٽ مليا .جمعي تي ايوان ۾ ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين سينيٽر طور قسم کڻي ورتو، چيئرمين سينيٽ کيس قسم کڻايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button