اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم مڪاني چونڊن ۾ شڪست تي پي ٽي آءِ جو تنظيمي ڍانچو ٽوڙي ڇڏيو

اسلام آباد :وزيراعظم عمران خان خيبر پختونخوا جي مڪاني چونڊن ۾ شڪست ملڻ تي تحريڪ انصاف جون سڀ تنظيمون ٽوڙي ڇڏيون آهن. ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب تازو ئي خيبر پختونخوا ۾ مڪاني چونڊن جي پهرئين مرحلي ۾ شڪست ملڻ بعد وزيراعظم عمران خان پي ٽي آءِ جو سمورو تنظيمي ڍانچو ٽوڙي ڇڏيو آھي ۽ نئين سر تنظيم سازي لاءِ آئيني ڪميٽي قائم ڪئي وئي آھي. ڪالهه وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ سپريم ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ خيبر پختونخوا ۽ پنجاب جي وڏن وزيرن، سنڌ، پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جي گورنرن، وفاقي وزيرن ۽ سينيئر اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪي سياسي ۽ معاشي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. جڏهن ته خيبر پختونخوا ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن تي مشاورت ڪئي وئي. اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير فواد چوڌري ٻڌايو ته وزيراعظم مرڪز کان وٺي تعلقن تائين سڀ ڪميٽيون ختم ڪري ڇڏيون آهن. ڪنهن مائٽ کي پارٽي ٽڪيٽ ڏيڻ جو فيصلو مقامي قيادت نه ڪندي، پارٽي جو نئون انتظامي ڍانچو جوڙيو ويندو. هن دعويٰ ڪئي ته تحريڪ انصاف هن وقت به ڪي پي جي سڀ کان وڏي جماعت آهي. دانهون مليون آهن ته ڪي پي ۾ ٽڪيٽون خاندانن ۾ ورهايون ويون. وزيراعظم ميرٽ جي ابتڙ ٽڪيٽن جي ورهاست تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم تحريڪ انصاف جي سڀني تنظيمن کي ٽوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي. تحريڪ انصاف نئين آئيني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، جنهن ۾ سموري قيادت شامل هوندي، مڪينزم جوڙيو ويندو، جنهن تحت ٽڪيٽن جي ورهاست ٿيندي. فواد چوڌري ٻڌايو ته تحريڪ انصاف جي سمورا پارلياماني بورڊ به ٽوڙيا ويا آهن. وزيراعظم کي ڪي پي چونڊن بابت اڃا تائين باضابطا رپورٽ پيش ناهي ڪئي وئي. 21 رڪني ڪميٽي سامهون سڀ معاملا ايندا، جيڪا پوءِ انهن کي جاچيندي. وفاقي وزير موجب جيڪڏهن ڪنهن کي ليڊر مڃيو ويندو آهي ته اهو عمران خان آهي، تحريڪ انصاف کانسواءِ اهڙي ڪا پارٽي ناهي، جيڪا وڏي انگ ۾ ٽيڪٽون جاري ڪري. تحريڪ انصاف ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي آهي، هيٺ ويندي ته پاڪستان جي سياست هيٺ ويندي. وزيراعظم ڪي پي ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ پارٽي مامرن جي پاڻ نگراني ڪندو. فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ جي ٻهراڙي ۽ نواز ليگ پنجاب ۾ محدود ٿي وئي، عوام پي ٽي آءِ کي قومي جماعت سمجهي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button