ڪنري: ڪنري ويجهو مبينا ڪارنهن الزام هيٺ همراهه ڪهاڙين جا وار ڪري زال کي قتل ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب ڪنري ويجهو ڳوٺ اميرمڱريو ۾ نارائڻ ڪولهي پنهنجي گهرواري ڪويتا ڪولهي کي ڪهاڙين جا وار ڪري بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرا ٿي ويو. اطلاع تي پوليس پهچي لاش کڻائي تعلقي اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش عورت جي ڀا هريش حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن ڪنري ٿاڻي تي ھريش جي فرياد تي عورت جي مڙس نارائڻ ۽ ڏير سومرو ڪولهي خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو. جنهن ۾ ھن ڄاڻايو ته نارائڻ ڪولهي پنهنجي ڀا جي چوڻ تي ڪارنهن الزام مڙھي قتل ڪيو آھي، هو شراب جو موالي آھي. پوليس جوابدارن جي گرفتاري لا ڇاپا هڻي جوابدار مڙس نارائڻ کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن اعتراف ڪندي چيو ته زال ڪويتا موبائل فون تي ڳالهائي رهي هئي. ڇاپن دوران عورت جو ڏير هٿ نه آيو. عورت هڪ نياڻي جي ما هئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close