پاڪستانسنڌ

نور محمد پنهنجي آتم ڪٿان ۾ سچ لکيو آهي:مٺي ۾ تقريب

مٺي: مٺي ۾ سماجي اڳواڻ نور محمد بجير جي آتم ڪٿا ڪتاب “واري منجهھ وکون” جي مهورتي تقريب شهيد بينظير ڀٽو ڪلچرل ڪامپليڪس هال مٺي ۾ ڪوٺائي وئي. تقريب ۾ ڪتاب جو مهورت سماج سڌارڪن ۽ اديبن، شاعرن آڪاش انصاري، ڊاڪٽر سونو مل کنگهاراڻي، ڊاڪٽر الهنواز سمون، مصطفى بلوچ، عذيرا نشات، نظام الدين نظاماڻي، عبدالقادر رونجهه، سشيل ملاڻي، مير حسن آريسر، عمر جاويد. ظفر ڏهراج، مير مظھر، اوڀايو جوڻيجو ۽ ٻين ڪيو. ان موقعي تي مقررن ڳالهائيندي چيو ته نور محمد بجير جي آتما ڪٿا واري منجهه وکون ڪتاب ۾ ٿر جو درد ۽ پيڙاهه سهيڙيل آھي، جنهن ۾ ماضي جي محرومين ۽ اڙانگن پنڌن کي موضوع بڻائي ٿر جو حقيقي نقشو عوام آڏو آندو ويو آھي. هن ڪتاب ۾ ٿر تي ماضي جي ظلمن ۽ زيادتين جي داستانن جي به نشاندهي ٿيل آھي، ٿر جي ماضي ۽ حال جي حقيقي واقعن کي ڪتاب ۾ قلمبند ڪري دنيا جو ڌيان ڇڪايو ويو آھي. شاعر ۽ اديب ڊاڪٽر آڪاش انصاري وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته ٿر تخليق ۽ جدوجهدن جي حوالي سان زرخيز ۽ شاهوڪار خطو رهيو آھي، نور بجير سميت ڪيترائي اهڙا ڪردار ڳڻائي سگهجن ٿا، جن محرومين، غربت ۽ طبقاتي اڻبرابري وارين خطرناڪ حالتن جا مقابلا ڪري پنهنجي فيلڊ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيا آھن. ليکڪ ڊاڪٽر الهنواز سمون ڳالهائيندي چيو ته نور محمد بجير پنهنجي آتم ڪٿا ۾ اهڙو ڪڙو سچ لکيو آھي، جيڪو سچ اڄوڪي دور ۾ تمام گهٽ لکيو وڃي ٿو. صدارتي ايوارڊ يافتا سماج سڌارڪ ڊاڪٽر سونو کنگهاراڻي چيو ته محرومين مان ڦٽي نڪتل شعور ڪنهن به فيلڊ ۾ ناڪام نٿو ٿي سگهي. تقريب کي ٻين اڳواڻن به خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button