مٺي: ٿر ۾ ٻارن جي موت وارن واقعن تي ضابطو اچي نه سگهيو. مٺي سول اسپتال ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي وڌيڪ 5 ٻارڙا فوت ٿي ويا، جنهن بعد هلندڙ مهيني فوتي ٻارڙن جو انگ 46 ۽ هلندڙ سال 614 ٿي ويو آھي، جڏهن ته 70 کان به وڌيڪ ٻارڙا مٺي سول اسپتال ۾ داخل آهن، جن ۾ اڪثريت غذائي کوٽ جي شڪار ٻارن جي ٻڌائي وڃي ٿي. سول اسپتال اندر تازو فوت ٿيل 5 ٻارن ۾ ٽي تازا ڄاول ٻارڙا ۽ 2 ٻارڙا 8 ڏينهن جا شامل آھن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close
-
شهيد بينظير لاءِ سالگرهه تي تحفو21-06-2023
-
پنجاب کان چترال تائين عوامي ڪاوڙ ڇو؟14-05-2023