عالمي

نسلي متڀيد خلاف جاکوڙيندڙ ڊيسمنڊ ٽوٽو لاڏاڻو ڪري ويو

پريٽوريا: ڏکڻ آفريقا سان واسطو رکندڙ نوبل انعام يافته آرچ بشپ ڊيسمنڊ ٽوٽو لاڏاڻو ڪري ويو. ڊيسمنڊ ٽوٽو 90 ورهين جي عمر ۾ گذاري ويو، جنهن جي تصديق ڏکڻ آفريقا جي صدر سرل رامافوسا ڪئي آهي. آرچ بشپ ڊيسمنڊ ٽوٽو کي نسلي بنيادن تي متڀيد خلاف آواز اٿارڻ تي نه رڳو پنهنجي ملڪ پر عالمي سطح تي به ساراهيو ويندو آهي. ٽوٽو فلسطيني علائقن تي اسرائيلي قبضي، موسمياتي تبديلين ۽ هم جنس پرستن لاءِ هڪ جهڙن حقن لاءِ آواز اٿاريندو آيو. کيس 1984ع ۾ امن جي نوبل انعام سان نوازيو ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button