پاڪستانسنڌ

محمد حبيب سنائي تعليم جي ميدان ۾ ھڪ وڏو نالو آهي: هالا پراڻا ۾ شام ملهائي وئي

ھالا: ھالا جي سماجي تنظيم قاضي اعظم جي فائونڊيشن پاران ناليواري تعليمدان، استاد، ليکڪ ۽ اديب محمد حبيب سنائي سان ھالا پراڻا ۾ ھڪ سرھي شام ملھائي وئي. منعقد ڪيل تقريب ۾ اديبن، ليکڪن، دانشورن ۽ شھرين پروفيسر منوج ڪمار، علي بخش ميمڻ، امان الله صدر، پروفيسر ڊاڪٽر مخمور بخاري، پروفيسر ڊاڪٽر نياز ميمڻ، ڊاڪٽر طاھر قريشي، ڊاڪٽر محمود مغل، ڊاڪٽر قاضي عرفان، عطا الله شاھه بخاري، نورالدين سنائي، طارق سنائي ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي تقريب کي آيل مھمانن خطاب ڪندي چيو ته محمد حبيب سنائي تعليم جي ميدان ۾ ھڪ وڏو نالو آهي. جنهن پنھنجي لکڻين ذريعي پنھنجي شھر ھالا توڙي سنڌ جي ثقافتي شين کي اجاگر ڪيو آھي. سندس ڪيترائي شاگرد ھن وقت وڏن وڏن عھدن تي فائز آهن. ھنن چيو ته ھالا جي مٽيءَ مان عظيم ماڻھن جنم ورتو آھي جن ۾ محمد حبيب سنائي به ھڪ آھي، جنھن جون ڪيل محنتون ڪڏهن به رائيگان نه وينديون. تقريب جي آخر ۾ محمد حبيب سنائي کي سندس خدمتن عيوض قاضي اعظم جي فائونڊيشن پاران شيلڊ پڻ ڏني وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button