پاڪستانسنڌ

حيدرآباد ۾ قبرون مسمار ڪري اڏاوت ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

حيدرآباد: حيدرآباد جي علائقي لطيف آباد نمبر 10 جي ڳوٺ دلشاد ٻگهيو ۽ ڳوٺ شاملو پٽيل جي رهواسين درگاهه حڪم شاهه بخاري جي قبرستان تي بلڊر طرفان قبرون مسمار ڪري اڏاوت ڪرڻ خلاف عورتن ۽ ٻارن سميت درگاهه آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ الطاف خاصخيلي، علي مير ملاح، جعفر ملاح، گلزار خاتون، آسيه خاتون ۽ چيو ته اسان لطيف آباد جا قديمي رهواسي آهيون، درگاهه حڪم شاهه بخاري جو قبرستان اسان جو گڏيل قبرستان آهي، جيڪو 6 ايڪڙن تي مشتمل آهي، بلڊر جي مئنيجر ناصر پٺاڻ پوليس ۽ روينيو آفيسرن جي ملي ڀڳت سان اسان جي قبرستان جون قبرون مسمار ڪري ڇڏيون آهن. اڌ قبرستان تي پارڪ ٺاهيو ويو آهي ۽ هڪ حصي تي بنگلا ٺاهي ڇڏيا آهن. قبرستان جي وچ مان پنهنجي اسڪيم لا 2 روڊ ٺاهيا ويا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته قبرستان تان قبضو ختم ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button