
سنڌڙي: ميرپورخاص ۾ سنڌ پاڪ تحريڪ جي ڪارڪنن ضلعي ۾ منشيات جي سرعام وڪري خلاف غلام حسين مري، رسول بخش ٿيٻو، غلام رسول ڪيريو، محمد حسن درس، مرتضى شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب سنڌڙي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته ميرپورخاص ضلعي ۾ سرعام منشيات وڪرو ڪئي پئي وڃي، پر پوليس قدم نٿي کڻي، ضلعي کي منشيات کان پاڪ ڪيو وڃي، منشيات جي ڪري ڪينسر جھڙو موضي مرض پکڙجي رھيو آھي.