پاڪستانسنڌ

ڇاڇرو ۾ اغوا ڄاڻايل ڇوڪري بازياب نه ٿي، وارثن جو مظاهرو

ڇاڇرو: ڇاڇرو ڀرسان ڳوٺ ڀاڏاسندا ۾ 10 ڏينهن اڳ ٻني تان مبينا طور اغوا ڄاڻايل ڇوڪري هريان ميگهواڙ بازياب نه ٿي سگهي. ڇوڪري جي وارثن ۽ سنڌ هاري ڪميٽي جي اڳواڻن چيتن ميگهواڙ، شنڪر ميگهواڙ، ڪلو ميگهواڙ، ڏامرو ۽ ديال داس جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ڇوڪري جي پي چيتن ميگهواڙ چيو ته 14 سالن جي نياڻي هريان ميگهواڙ کي ڳوٺ ڀرسان ٻني تان کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جنهن جي ايف آئي آر پڻ کوکراپار ٿاڻي تي داخل ڪرائي آهي، پر پوليس اغوا ڪندڙ جوابدار بائيخان چانهيو کي گرفتار نٿي ڪري، بااثر زبردستي ڌي کان مذهبي تبديل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، عمرڪوٽ پوليس ملوث جوابدان کي گرفتار ڪرڻ بدران ساڻن ٻٽ بڻيل آهي، جوابدار نابالغ ڌي جو ڪوڙو نڪاح نامو ٺهرائي سخت پريشان ڪري رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته اغوا ڪندڙ جوابدار بائيخان چانهيو، سهولتڪار سومار چانهيو ۽ عنايت چانهيو سرعام گهمي رهيا آهن، پر پوليس ڪارروائي ڪرڻ لا تيار ناهي، پوليس رڳو هڪ سهولتڪار شيرو چانهيو کي گرفتار ڪيو آهي، پر اصل جوابدارن کي گرفتار نه ڪري رهي آهي. اڳواڻن الزام مڙهيندي چيو ته ايس ايڇ او کوکراپار هوتچند ميگهواڙ رشوت عيوض جوابدارن جي پٺڀرائي ڪري رهيو آهي. هنن وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ايس ايس پي عمرڪوٽ کان گهر ڪئي ته اغوا ٿيل نياڻي کي بازياب ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button