اسلام آبادپاڪستان

مني بجيٽ سان ڪا قيامت نه ايندي،اها پاس ٿيندي:شيخ رشيد

راولپنڊي: وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته هر پارٽي چاهي ٿي اسٽيبلشمينٽ ان تي هٿ رکي پر اسٽيبلشمينٽ فيصلو ڪيو آهي ته اها چونڊيل حڪومت سان گڏ هوندي. راولپنڊي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته نواز شريف اچي ٿو ته اچي، نٿو اچي ته نه اچي، ڪو فرق نه پوندو. طوفان اٿاريو پيو وڃي ته هو اچي رهيو آهي، هو وڃي رهيو آهي، اسان کي ڪو فرق نٿو پئي. هن چيو ته آئون پنهنجي کيسي مان ٽڪيٽ ڏيندس، نواز شريف ٻڌائي ڪيئن ايندو ته مان ويزا ۽ پاسپورٽ ڏيندس. سندس چوڻ هو هر پارٽي چاهي ٿي ته اسٽيبلشمينٽ ان تي هٿ رکي پر اسٽيبلشمينٽ فيصلو ڪيو آهي ته اها چونڊيل حڪومت سان گڏ هوندي. حڪومتون اينديون ۽ هليون وينديون آهن پر اسٽيبلشمينٽ جي سٺي ڳالهه آهي ته اها حڪومت سان گڏ آهي. شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته اپوزيشن ڇا به ڪري ڪجهه نه ٿيندو، اپوزيشن کي جيڪو پيٽ ۾ سور آهي، اهو ٽي وي تي نٿا ٻڌائي سگهون. عمران خان 5 سال پورا ڪندو ۽ اسان ايندڙ چونڊون به ڀرپور نموني وڙهنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته مني بجيٽ سان ڪا قيامت نه ايندي، اها پاس ٿيندي. اسان چاهيون ٿا ته ڊالر جي قيمت تي ڪنٽرول ڪيو وڃي، آءِ ايم ايف جي فنڊ سان مدد ملندي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button