اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم جي گئس جا ذخيرا ڳولڻ جا لائسنس جلد جاري ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مقامي گئس جا ذخيرا ڳولڻ جا لائسنس جاري ڪرڻ واري عمل کي تيز ڪيو وڃي. مقامي گئس ٻارڻ جو سڀ کان سستو ذريعو آهي. طئي ٿيل ٽائيم لائينز ۾ وڌيڪ دير بنا ان تي عمل ڪيو وڃي. اربع تي وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ گئس جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. ملڪ ۾ گئس جا ذخيرا، طلب، رسد، شاٽ فال ۽ ايل اين جي ٻاهران گهرائڻ تي بريفنگ ڏني وئي. ملڪ ۾ گئس جي موجوده طلب 4700 ايم ايم سي ايف ڊي آهي. ٻڌايو ويو ته سياري جي مند ۾ وڌي 6 هزار کان 6500 ايم ايم سي ايف ڊي تائين پهچي وڃي ٿي. موجوده ملڪي سپلاءِ 3300 ايم ايم سي ايف ڊي آهي جيڪا هر سال گهٽجي رهي آهي. ٻڌايو ويو ته گئس جي کوٽ کي ايل اين جي ٻاهران گهرائي پورو ڪرڻو پوندو. موجوده انفرااسٽريڪچر سان سياري جي مند ۾ اٽڪل هڪ هزار ايم ايم سي ايف ڊي جي ڪمي پيدا ٿئي ٿي. ٻڌايو ويو ته ورچوئل پائپ لائن لائسنس جاري ڪرڻ واري عمل کي تيز ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته مقامي گئس جا ذخيرا ڳولڻ جا لائسنس جاري ڪرڻ واري عمل کي تيز ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button