اسلام آبادپاڪستان

گڏيل اپوزيشن جو مني بجيٽ ۽ حڪومتي بل روڪڻ جو فيصلو

اسلام آباد: پارليامينٽ ۾ گڏيل اپوزيشن حڪومت جي مني بجيٽ ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي خومختياري جي قدمن کي رد ڪندي ايوان ۾ سخت مخالفت ڪرڻ ۽ ان جو رستو روڪڻ جو اعلان ڪيو آهي. اهڙو فيصلو اربع تي گڏيل اپوزيشن جي پارليامينٽ هائوس جي اپوزيشن چيمبر ۾ ٿيل اجلاس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ شاهد خاقان عباسي، خواجا آصف، نويد قمر، مولانا اسعد محمود سميت اپوزيشن جماعتن جي ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ مني بجيٽ ۽ ان سان لاڳاپيل حڪومتي بلن جو رستو روڪڻ لاءِ اپوزيشن جي گڏيل حڪمت عملي تي تفصيلي غور ڪيو ويو ۽ مشاورت سان لائحه عمل پيش ڪيو ويو. اجلاس ۾ مني بجيٽ ۽ ان سان لاڳاپيل بل پيش ٿيڻ جي موقعي تي گڏيل اپوزيشن جي ميمبرن کي اچڻ واري معاملي جو به جائزو ورتو ويو. اپوزيشن اجلاس ۾ قرار ڏنو ويو ته مني بجيٽ عمران نيازي حڪومت جو هڪ ٻيو وڏو يوٽرن ۽ ملڪ لاءِ تباهي جو نسخو آهي. عمران نيازي معاشي خودمختياري جو سودو ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته هن مني بجيٽ جي نتيجي ۾ عوام تي مهانگائي جو نئون عذاب نازل ٿي ويندو. اجلاس قرار ڏنو ته ملڪ تي ٽن سالن ۾ تاريخ جو بدترين قرض سٿيو ويو آهي. ترقي جي شرح جو جنازو نڪري چڪو آهي. ڊالر 181 کان مٿي وڃي چڪو آهي. اجلاس عزم ڪيو ته مني بجيٽ روڪڻ لاءِ پنهنجي پوري طاقت استعمال ڪئي ويندي ۽ اميد آهي ته حڪمران جماعت جا باضمير ميمبر ۽ اتحادي هن حڪومتي ڏوهه ۾ شريڪ نه ٿيندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button