ملير پوليس انڌي قتل جو معاملو حل ڪري ڇڏيوز واقعي جي 6 ڏينهن کان پوءِ ٻن ٽڪ ٽاڪر کي ثبوتن سان گرفتار ڪيو ويو آهي. تفصيل موجب ملير غازي چوڪ گهٽي ۾ بيٺل شهري جي قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي. ملير سٽي پوليس 14 سالن جي عمر جي ميٽرڪ جي ٻن شاگردن کي گرفتار ڪري ورتو. ان حوالي سان پوليس عملدارن ٻڌايو ته گرفتار گهٽ عمر جي ٽڪ ٽاڪرز خوفناڪ وڊيو ٺاهڻ لاءِ هڪ پيرسن شخص کي گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو. رڳو ٽڪ ٽاڪ وڊيو ٺاهڻ لاءِ هڪ شهري کي قتل ڪيو ويو. واقعي جا سي سي ٽي وي فوٽيج منظر تي اچي ويا آهن. پوليس اکين ڏٺن شاهدن ۽ جديد سائنسي طريقي جي مدد سان جوابدارن کي گرفتار ڪيو. فوٽيج ۾ ٻن موٽر سائيڪل تي سوال چئن نوجوانن کي ڏسي سگهجي ٿو ته گرفتار جوابدار فاضل علي، قمر رضا تي گولي هلائي جوابدارن کان واردات ۾ استعمال ٿيندڙ هٿيار ۽ موٽر سائيڪل هٿ ڪئي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close