اسلام آبادپاڪستان

غريب اهڙيون شيون استعمال نٿو ڪري ته ان سان ڪهڙو فرق پوندو:شوڪت ترين

اسلام آباد :ناڻي واري وزير شوڪت ترين چيو آهي ته غريب ماڻهو انهن شين کي استعمال نٿو ڪري ته ان سان انهن تي ڪهڙو فرق پوندو. حڪومت اهڙو ڪو قدم ناهي کنيو، جنهن سان غريب عوام تي بار پوي. جيڪڏهن اسٽيٽ بئنڪ هٿ مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته خودمختياري ختم ڪري ڇڏينداسين. ضمني مالياتي بل سان عوام تي بار وڌڻ واريون ڳالهيون بي بنياد آهن. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ مني بجيٽ پيش ڪرڻ بعد اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شوڪت ترين چيو ته آءِ ايم ايف ته سڀني تي سيلز ٽيڪس لڳرائڻ چاهي ٿو، چاهي ٿو ته 700 ارب رپين جي ٽيڪس ڇوٽ واپس وٺون، اسان ان کي 343 ارب رپين تائين آندو. گڏيل طور 343 ارب رپين جي ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪئي آهي، جنهن مان مشينري تي 112 ارب ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪئي. فارماسيوٽيڪلز تي 160 ارب ۽ لگزري شين جي درآمد تي 71 ارب رپين جي ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪئي وئي ۽ مشينري ۽ فارما انڊسٽري تي ٽيڪس ريفنڊ ٿي سگهندو. هن چيو ته ضمني مالياتي بل جو مقصد ٽيڪس لڳائڻ نه پر معيشت کي دستاويزي شڪل ڏيڻ آهي، عام ماڻهو لاءِ رڳو 2 ارب رپين جي ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪئي آهي، جڏهن ته باقي ٽيڪس جو گهڻو حصو ريفنڊ ايبل ۽ ايڊجسٽ ايبل آهي. سندس چوڻ هو ته بل ۾ 343 ارب رپين جي ٽيڪس ڇوٽ تي نظرثاني ڪئي وئي، ان مان 71 ارب رپيا ٽيڪس ڇوٽ لگزري آئٽمز شامل هئا. عام ماڻهو تي رڳو 2 ارب رپين جو بار وجهي رهيا آهيون، زرعي سيڪٽر تي سيلز ٽيڪس ناهي لڳايو. شوڪت ترين چيو ته ضمني مالياتي بل سان مهانگائي وڌڻ جا افواهه پکيڙيا ويا، ٽيڪس ڏيندڙن تي وڌيڪ ٽيڪس نه لڳندو. ڀاڻ تي ٽيڪس نه لڳندو، سئنيما جي شين تي ٽيڪس ناهي لڳايو ويو. پراڻن ڪپڙن تي به ٽيڪس نه لڳندو، 343 ارب رپين مان به اسان ورتل ٽيڪس ري فنڊ ڪنداسين ۽ ايڊجسٽ ڪنداسين. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي منشور ۾ آهي ته ادارن کي خود مختياري ڏيڻي آهي، ادارا خود مختياري ملڻ تائين مضبوط نٿا ٿي سگهن. اسٽيٽ بئنڪ جي معاملن ۾ حڪومت مداخلت ڪندي رهي آهي، ان ڪري اسٽيٽ بئنڪ جي معاملن ۾ تبديلي ڪري رهيا آهيون. ناڻي واري وزير دعويٰ ڪئي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت اسٽيٽ بئنڪ کان اڍائي سالن کان ڪي به پئسا ناهن ورتا ته ڪهڙي خودمختياري متاثر ٿي؟ هاڻي اسٽيٽ بئنڪ جي بورڊ آف گورنرز جي مقرري حڪومت جي سفارش تي ٿيندي. سندس چوڻ هو ته اسٽيٽ بئنڪ جي بورڊ آف گورنرز جي مقرري پاڻ بئنڪ ڪندي، اسان چيو ته ڪئين ٿو ٿي سگهي ته اوهان پنهنجي مقرري پاڻ ڪري سگهو. اسٽيٽ بئنڪ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي مقرري جي معاملي تي ترميم نه ٿي رهي آهي، سٺن ملڪن جون مرڪزي بئنڪون ڏسو ته اتي به خود مختياري آهي. شوڪت ترين چيو ته 2 ارب رپين جي واڌو ٽيڪس سان رڳو 4 شيون مهانگيون ٿينديون، لگزري گاڏين تي ٽيڪس وڌندو، جيڪو وڌائي رهيا آهيون، آءِ ايم ايف گاڏين تي ٽيڪس وڌائڻ بابت منع ناهي ڪيو، ان کانسواءِ پرڏيهي اسٽيڪ ۽ مڇي کائيندڙن تي ٽيڪس لڳندو، موبائل فونز تي 17 سيڪڙو جنرل سيلز ٽيڪس (جي ايس ٽي) جي تجويز آهي، سون، چاندي سميت قيمتي جيولري تي به 17 سيڪڙو سيلز ٽيڪس بل ۾ شامل آهي. ناڻي واري وزير چيو ته پيٽرول جو عالمي اگهه 42 ڊالر کان 87 ڊالر تي هلي رهيو آهي، کاڄرو تيل عالمي مارڪيٽ ۾ 700 کان 1400 ڊالر تي پهچي ويو، ڪوئلو 80 کان 240 ڊالرز تي هليو ويو، کاڄرو تيل جو اگهه وڌيڪ آهي ته ڇا اُن کي گهرائڻ بند ڪري ڇڏيون؟ ڪوئلي جي ضرورت آهي ته ڇا اهو به گهرائڻ بند ڪري ڇڏيون ؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button