اسلام آبادپاڪستان

آءِ ايم ايف جا شرط مڃڻ لاءِ قومي اسيمبلي ۾ مني بجيٽ پيش،اپوزيشن جو احتجاج،هنگامو

اسلام آباد :وفاقي حڪومت قرض ڏيندڙ عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) جا شرط پورا ڪرڻ لاءِ قومي اسيمبلي ۾ هل هنگامي ۽ اپوزيشن جي سخت احتجاج باوجود مني بجيٽ پيش ڪري ڇڏي. گوڙ سبب ايوان مڇي مارڪيٽ جو ڏيک ڏيڻ لڳو. ڪالهه قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ شروع ٿيو ته وزيراعظم عمران خان جي پارلياماني معاملن بابت صلاحڪار بابر اعواڻ ايوان ۾ رولز معطل ڪرڻ جو ٺهراءُ پيش ڪيو، رولز معطل ڪرڻ جو ٺهراءُ منظور ٿيو، جنهن کانپوءِ ناڻي واري وزير شوڪت ترين ضمني مالياتي بل 2021 (مني بجيٽ) قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏيو. اسپيڪر رولنگ ڏني ته قومي اسيمبلي جي ضابطن ۽ طريقي ڪار جي قاعدي 122 تحت اهو بل قومي اسيمبلي جي فنانس ڪميٽي حوالي نه ٿيندو. اپوزيشن طرفان ان موقعي تي سخت احتجاج ڪيو ويو ۽ حڪومت خلاف نعريبازي ڪئي وئي. جڏهن ته اپوزيشن ميمبرن گوڙ ڪندي احتجاجن بل جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون ۽ اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيرو ڪيو. وفاقي ڪابينا جي منظوري کان پوءِ حڪومت پاران مني بجيٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جي موقعي تي اپوزيشن جي سخت احتجاج ۽ گوڙ سبب ايوان مڇي مارڪيٽ جو ڏيک ڏيڻ لڳو. اپوزيشن ميمبرن پلي ڪارڊ ڏيکاريا ۽ بل جون ڪاپيون ڦاڙي اسپيڪر ڊائس آڏو نعرا هنيا. ايوان مهانگائي جي سونامي نامنظور ۽ حڪومت مخالف نعرن سان ڌڏڻ لڳو، حڪومتي ميمبرن به پاران جوابي نعرا هنيا ويا. انهيءَ گوڙ شور ۾ ناڻي واري وزير فنانس سپليمنٽري بل 2021 کان پهريان ضمني ايجنڊا تحت اسٽيٽ بئنڪ جي حوالي سان بل پڙهي ڇڏيو. ان موقعي تي پ پ جي نويد قمر اعتراض ڪندي چيو ته ايجندي ۾ مدو ختم ٿيڻ کان پو آرڊيننس آندو پيو وڃي، هن ايوان ۾ نيون روايتون وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. بابر اعواڻ جواب ڏنو ته قومي اسيمبلي ۾ مدي کان پهريان آرڊيننس پيش ٿيندو آهي، ان حوالي سان رولز مطابق ڪارروائي هلائي پئي وڃي. ان دوران حڪومت پاران اليڪشن ٽين ترميم جي آرڊيننس ۾ 120 ڏينهن جي واڌ، سرڪاري پراپرٽيز تي قائم قبصا ختم ڪرڻ جي آرڊيننس ۾ 120 ڏينهن جي واڌ، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي ترميمي آرڊيننس ۾ 120 ڏينهن جي واڌ جو ٺهراءُ منظور ڪيو ويو. اجلاس ۾ برقي توانائي جي پيداوار ۽ تقسيم بابت آرڊينسن ۾ واڌ جو ٺهراءُ پاس ڪيو ويو. ايوان ۾ اسٽيٽ بئنڪ جي خودمختياري بابت اسٽيٽ بئنڪ ايڪٽ ترميمي بل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو. بل لاڳاپيل ڪميٽي جي حوالي ڪيو ويو. اپوزيشن ميمبرن برقي توانائي پيداوار جي حوالي سان آرڊيننس جي مدي ۾ واڌ جي رٿ تي ووٽنگ کي به چئلينج ڪري ڇڏيو، جنهن تي قومي اسيمبلي اسپيڪر زباني ووٽنگ بدران باقاعدي ووٽنگ جو حڪم ڏنو .اسپيڪر ٺهراءُ جي حق ۾ ووٽ ڏيندڙن کي سيٽن تي اٿي بيهڻ جو حڪم ڏنو. جڏهن ته ان تي ٺهراءُ جي حق ۾ ووٽنگ کان پوءِ مخالفت ڪندڙن جي ووٽنگ ٿي ته اپوزيشن پاران صرف 3 ميمبر مخالفت ۾ اٿي بيٺا. اپوزيشن ميمبرن جي گهڻائي ڳڻپ ۾ اٿي نه بيٺي. حڪومت پاران بل جي حق ۾ 145 ووٽ ڏنا ويا. خواجا آصف چيو ته اوهان اپوزيشن ۽ عوام جي زبان بند ڪري معاشي خودمختياري وڪرو ڪري رهيا آهيو. هن چيو ته اوهان اهو آرڊيننس بحال ڪري رهيا آهيو جيڪو ختم ٿي چڪو هو جيڪو آئين جي خلاف اهي اسٽيٽ بئنڪ جو ڪنٽرول آئي ايم ايف کي ڏئي رهيا آهيو. اوهان 12سئو يا 100 ارب ٽيڪس واپس وٺي ڇوٽ ڏئي عوام مٿان مهانگائي جو پهاڙ ڪيرائي رهيا آهيو. هن چيو ته خدا جي واسطي پاڪستان جي عوام تي رحم ڪريو پاڪستان کي نه کپايو. خواجه آصف چيو ته خودمختياري کي ختم نه ڪريو جيڪو ملڪ معاشي طور تي غلام ٿي ويندو آهي اهو قانوني بڻجي ويندو آهي. ڇا هي ايسٽ انڊيا ڪمپني جي حڪومت اچي وئي آهي. مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ قومي اسيمبلي اسپيڪر کي چيو ته اوهان جي رولنگ غير آئيني آهي، مان ان سان اتفاق نه پيو ڪريان. اوهان آئين جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهيو. هن چيو ته 17 تاريخ تي 2 آرڊيننس ختم ٿيا هڪ گذريل مهيني ۽ هڪ ڪالهه ٿيو آهي. هن ايوان کي مذاق نه بڻايو. هن چيو ته پاڪستان جي عوام جو ڪجهه خيال ڪريو اسان جي ملڪ ۾ پهريان به 16 ڊسمبر تي قيامت آئي هئي جڏهن ملڪ ٻه ٽڪر ٿيو هو اڄ پاڪستان جو معاشي سرينڊر ٿي رهيو آهي. وفاقي وزير اسد عمر اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪي پنهنجي ميمبرز کي ڪرسي تي ويهاري نٿا سگهن، اهي حڪومت ڇا ڪيرائيندا. جيڪي مودي کي گهر گهرائيندا رهيا اهي قومي سلامتي جي ڳالهه ڪندي سٺا نٿا لڳن. اسد عمر چيو ته هي چون ٿا ته آرڊيننس ايڪسپائر ٿي چڪو آهي هي هڪ ٽيڪنيڪي نقطو آهي. اپوزيشن سياستدان پاڻ ايڪسپائرزڊ ٿي چڪا آهن. ڇا انهن جون تقريرون ٻڌڻ اسان تي لازم آهي دنيا ڏٺو ته جڏهن اسان جي سرحدي ڀڃڪڙِي ٿي ته اسان سندن جهاز ڪيرايو. پيپلزپارٽي جي راجا پرويز اشرف ڳالهائيندي چيوته جهڙي نموني سان ترميمون ڪيون پيون وڃن، ان سان پارليامينٽ جو تقدس پائمال ٿي رهيو آهي. خواجه آصف جي بيان تي اسد عمر ڇا جواب ڏنو سڀني ٻڌو هوندو ۽ قوم مايوس به ٿي هوندي. راجا پرويز اشرف چيو ته مان ڪڏهن به نٿو چاهيان ته هائوس جو ماحول خراب ٿئي پر حڪومت جو طور طريقو برداشت جوڳو نه آهي. ٻڌايو وڃي ته ملڪ ۾ مهانگائي آهي يا نه مهانگائي ڪنٽرول ڪرڻ جو ڪٿي ته جواب اچي ٿو. اوهان جي ڪري آهي. حڪومت هر محاذ تي ناڪام ٿي چڪي آهي. هي ماڻهو پاڪستان جي عوام سان جٺ ڪري رهيا آهن. اپوزيشن کي اسپيڪر جي خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو. هن کان اڳ مني بجيٽ جي منظوري لاءِ وزيراعطم جي صدارت هيٺ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪابينا فنانس ترميمي بل 2021 جي منظوري ڏئي ڇڏي. ناڻي واري وزارت جي ذريعن مطابق 144 شين تي ٽيڪس لڳندو جيڪي يا ته جي ايس ٽي کان مڪمل طور تي آجيون آهن يا ان تي 25 سيڪڙو کان 12 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو آهي. هاڻي انهن تي 17 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لڳايو ويندو. انهن شين تي 17 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لڳائڻ سان ٽيڪس اوڳاڙي 352 ارب رپين کان وڌيڪ هوندي. جڏهن ته قومي اسيمبلي جو اجلاس جمعي ڏينهن 11 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button