اسلام آبادپاڪستان

حڪومت 150 شين تي سيلز ٽيڪس وڌائي ڇڏيو

اسلام آباد :وفاقي حڪومت قرض ڏيندڙ عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) جا شرط پورا ڪرڻ لاءِ پيش ڪيل مني بجيٽ سان مهانگائي جو نئون طوفان اچڻ جو خدشو وڌي ويو. نئين مني بجيٽ ۾ تقريبن 150 شين تي سيلز ٽيڪس وڌائڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. جنهن سان موبائيل فونز، امپورٽ ٿيندڙ گوشت، بيڪري آئٽمز، برانڊيڊ فوڊ آئيٽمز، ڊيري پراڊڪٽس، مصالحن، سوجيون، پنير، مکڻ، ديسي گيهه، کير، ڪريم، سلائي مشيون ۽ دوائون مهانگيون ٿينديون. ڪالهه ناڻي جي وفاقي وزير شوڪت ترين طرفان پيش ڪيل فنانس ضمني بل 2021ع ۾ امپورٽيڊ موبائيل فونز تي 17 سيڪڙو اضافي ٽئڪس ۽ موبائيل ڪمپينز لاءِ سروسز ايڊوانس ٽئڪس 10 کان 15 سيڪڙو ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. بيڪري ۽ برانڊيڊ فوڊ آئيٽمز تي جي ايس ٽي ڇوٽ واپس وٺڻ، دوا سازي لاءِ امپورٽ ٿيندڙ خام مال تي ٽئڪس ڇوٽ واپس وٺڻ ۽ گاڏين جي رجسٽريشن فيس تي ايڊوانس ٽئڪس ۾ 100 سيڪڙو واڌ جي سفارش ڪئي وئي. پولٽري سيڪٽر جي مشينن، ملٽي ميڊيا پراجيڪٽس، ليٿيم آئرن بيڪٽري، چاندي، سون، جوليري، سولر، ونڊ ۽ آبپاشي اوزارن، ٿرڪول لا درآمد ٿيندڙ اوزارن سميت ٻين شين تي ٽيڪس وڌايو ويو آهي. قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل بل موجب 350 ارب رپين جي ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪئي ويندي، ٽيڪس وصولين جا هدف 271 ارب رپين مان وڌائي 6100 ارب رپين تائين ڪيا ويندا. جن شين تي سيلز ٽيڪس ڇوٽ وڌيڪ آهي، انهن تي سيلز ٽيڪس ريٽ 17 سيڪڙو لاڳو هوندو، ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ لاءِ شيڊيول 5، 6، 7، 8 ۽ 9 ۾ ترميمون تجويز ڪيون ويون آهن. موبائل فون، اسٽيشنري ۽ پيڪ فوڊ آئٽمز تي ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جو امڪان آهي، برآمدن کانسواءِ زيرو ريٽنگ مان به سيلز ٽيڪس ڇوٽ واپس ورتي ويندي. 800 سي سي وڏين گاڏين تي سيلز ٽيڪس جي شرح وڌائڻ ۽ لگزري گاڏين جي درآمد تي پابندي لاڳو ڪرڻ جي تجويز ترميمي بل جو حصو آهي. ذريعن موجب درآمد خوراڪ تي ڊيوٽي وڌائڻ يا ان تي پابندي جي تجويز شامل آهي. ڪاسميٽڪس جي سامان تي ڊيوٽي وڌائڻ جي تجويز به ترميمي فنانس بل جو حصو آهي، ان کانسواءِ دٻن ۾ پيڪ کاڌي پيتي جي شين جي درآمد تي پابندي جي تجويز آهي. موبائل فونز تي سيلز ٽيڪس جي رعايت ختم ڪئي پئي وڃي، پرڏيهي ڊرامن جي درآمد تي به ايڊوانس ٽيڪس لاڳو ڪيو پيو وڃي. ڊيوٽي فري شاپس ۽ ماچيس تي به 17 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ٿيندو. درآمد ٿيل سبزين تي به 7 ارب جو ٽيڪس هنيو ويندو. ملنگ انڊسٽري لا استعمال ٿيندڙ اناج ۽ ٻين شين تي 5 ارب جو ٽيڪس لڳندو. قدرتي آفتن ۾ استعمال ٿيڻ واريون درآمد ٿيندڙ شيون به ٽيڪس کان آجيون نه هونديون. ضمني مالياتي بل ۾ اڪانامي کي ڊجيٽلائز ڪرڻ لاءِ قدم تجويز ڪيا ويا آهن، سرڪاري عهدو رکندڙن جا ٽيڪس تفصيل پبلڪ ڪرڻ جي تجويز به شامل آهي. ان سان گڏوگڏ ريئل اسٽيٽ جي شعبي کي ڏنل رعايت جاري رکڻ جي تجويز آهي ۽ خاص سيڪيورٽي ادارن لاءِ 50 ارب رپين جي گرانٽس ختم ڪئي پئي و ڃي. ترميمي فنانس بل ۾ ڪسٽمز، سيلز ٽيڪس ۽ انڪم ٽيڪس قانونن ۾ ترميمون ڪري ايف بي آر ڪليڪٽر جا اختيار گهٽ ڪيا پيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button