اسلام آبادپاڪستان

شهباز شريف جي تقرير نوڪري جي درخواست هوندي آهي:وزيراعظم

اسلام آباد:وزيراعظم عمران خان اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي تقرير کي نوڪري جي درخواست قرار ڏيندي چيو آهي ته شهباز شريف جي تقرير نوڪري جي درخواست هوندي آهي. ڪالهه پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته هر ٽن مهينن کانپوءِ چيو ويندو آهي ته حڪومت ڏکيائين ۾ آهي پر حڪومت ڪنهن ڏکيائي ۾ ناهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته چيو ويندو آهي ته نواز شريف اڄ اچي رهيو آهي، سڀاڻي اچي رهيو آهي. نواز شريف جڏهن سعودي عرب ويو هو، تڏهن به اهو ئي ٻڌي رهيا هئاسين جيستائين سمجهوتو نه ٿيو. سندس چوڻ هو ته شهباز شريف جي تقرير نوڪري جي درخواست هوندي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button