پاڪستانسنڌ

ٽنڊوڄام ۾ او جي ڊي سي ايل ويل چوڪيدارن جو ڪنر آئل فيلڊ جي گيٽ آڏو ڌرڻو

ٽنڊوڄام: او جي ڊي سي ايل جي ويل چوڪيدارن پاران پڪو ڪرڻ لا ڪنر آئل فيلڊ جي مک گيٽ آڏو لڳل ڌرڻو 2 ڏينھن کان جاري آهي، گيس ۽ تيل جي رسد بند ٿي وئي، ڪنر آئل فيلڊ جي ملازمن جي به ڌرڻي ۾ شرڪت، ڀرپور حمايت جو اعلان ڪيو. خبر موجب ٽنڊوڄام لڳ او جي ڊي سي ايل جي ويل چوڪيدارن پاران پڪو ڪرڻ لا ڪنر آئل فيلڊ جي مک گيٽ آڏو لڳل ڌرڻو 2 ڏينھن کان جاري آھي، جڏھن ته ڌرڻي سبب گيس ۽ تيل جي رسد پڻ بند آھي، ملازم گروپ جي اڳواڻ زاھد ڀٽو سميت ڪنر آئل فيلڊ جي ملازمن پڻ ڌرڻي ۾ شرڪت ڪري ڀرپور حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي ۽ تحريڪ وڌيڪ تيز ڪري ڇڏي آھي.

ان موقعي تي اڳواڻن عطا محمد ڏاهري، غلام مصطفى باکڙو،عبدالله سومرو، يونس وساڻ ۽ ٻين ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته پوري ملڪ جا ويل چوڪيدار احتجاج ڪري رهيا آھن پر ڪوبه سندن ٻُڌڻ وارو ناهي نه ئي سندن ڪنن تي ڪا جون چري ٿي. هنن چيو ته اداري جا ويل چوڪيدار سالن کان ڪچي ملازم طور ڪم ڪري رهيا آھن، جن کي اداري ۾ ڪم ڪندي ويھه کان پنجويھه سال گذري ويا آھن پر انهن کي ڪچي ملازم طور ئي ڪم ڪرايو پيو وڃي ۽ پڪو نه ڪيو پيو وڃي.

هنن چيو ته ڪيترائي ڀيرا احتجاج پڻ ڪيا آھن ۽ انتظاميه سان ڳالهيون پڻ ٿيون آھن پر هر ڀيري جيان انتظاميه ڪچن ملازمن کي پڪو ڪرڻ جو واعدو ڪري ڪجھه عرصي بعد پنهنجن ئي ڪيل ڳالهين تان ڦريو وڃن ۽ پو مجبورن اسان کي او جي ڊي سي ايل جا گيٽ بند ڪري ڌرڻا هڻي احتجاج ڪرڻا ٿا پون. هنن چيو ته جيستائين ويل چوڪيدارن کي پڪو نه ڪيو ويندو، تيستائين اڻ ڄاڻايل مدي تائين احتجاج جاري رهندو ۽ او جي ڊي سي ايل جا سڀئي گيٽ بند رهندا ۽ ڪابه تيل ۽ گئس جي رسد نه ٿيندي. هنن اعلى اختيارين کي اپيل ڪندي چيو ته هن معاملي جو نوٽيس وٺي ڪچن چوڪيدارن کي جلد پڪو ڪري سندن بيچيني ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button