پاڪستانسنڌ

پارس حميد جا نظم عالمي معيار جا آهن، سنڌي جو نرالو شاعر ھو: حيدرآباد ۾ پهرين ورسي ملهائي وئي

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ پارس حميد جي پهرين ورسي جي موقعي تي اديبن، شاعرن ايازگل، تاج جويو ۽ احمد سولنگي جي اڳوڻي ۾ بابن شاھه قبرستان ۾ پارس حميد جي مزار تي حاضري ڀري ۽ گلن جون چادرون چاڙهيون. ان موقعي تي شاعر اياز گل چيو ته پارس حميد جون ادبي سنگت ۽ شاعري ۾ خدمتون ھيون، ھن صنف فڪر جي حوالي سان ڌار سڃاڻپ ڪرائي، نظم جو شاندار شاعر ھو. ھن جي شاعري کان اردو جا شاعر متاثر ھئا.

جن اردو ۾ پارس جي شاعري ترجمو ڪئي، ھو سٺي شاعر سان گڏ سٺو انسان ھو، حيدرآباد ايندڙ ٻاهرين دوستن جو آڌرڀاءُ ڪندو هو، ھن جو دسترخوان ڪشادو ھو، ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل احمد سولنگي چيو ته پارس حميد ذات ۽ ڏات ۾ وڏو ماڻهو ھو، ادبي سنگت جو محسن ھو، ھن ادبي سنگت جي جمهوري انداز ۾ چونڊ ڪرائي جو اڄ اسان ادبي سنگت جون سرگرميون ڪري رھيا آھيون.

نامور اديب تاج جويو چيو ته پارس حميد جا نظم عالمي معيار جا آهن، هن جي شاعري ڇپجڻ گهرجي، ورسي جي موقعي تي سندس خاندان ۽ سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد پاران پارس حميد جي تربت تي گلن جون چادرون چاڙهيون ويون. ان موقعي تي عاشق سولنگي گيت ڳايو، جڏهن ته علي دوست عاجز، پارس حميد جو فرزند نعيم پارس، عبدالرزاق عمراڻي، سليمان ڏاھري، ڄام نظام الدين ڀاڳت، عاشق سولنگي، لطيف ملاح، واحد ڪانڌڙو، مولا بخش محبتي، ڊاڪٽر ڀائي خان ھالار سولنگي، ساجد سنڌي، مڪيش بارٿاني، حبيب متو، رحمت ڪنول، شمس الدين قاضي، سنجي ڪمار، سجاد احمد قاضي ۽ ٻيا موجود هئا. آخر ۾ خيرات جي ماني کارائي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button