پاڪستانسنڌ

بدين لڳ پاڻي جي موٽر مان ڪرنٽ لڳڻ سبب جي ايس ٽي استاد فوت

بدين: بدين ڀرسان ڳوٺ اسماعيل سومرو جو رهواسي نوجوان جي ايس ٽي استاد ۽ ٻن ٻارن جو پيءُ رازق ڏنو سومرو ڪالهه خميس ڏينهن صبح جو سوير پاڻي واري موٽر هلائڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب بيهوش ٿي ويو. جنهن کي بدين اسپتال داخل ڪيو ويو. جتي علاج دوران فوت ٿي ويو. استاد جو مڙھه گهر پهچڻ تي وارثن کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا. جنازي نماز ۾ سوين مائٽن ۽ برادري جي ماڻهن کان سواءِ استادن پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. کيس بدين شهر جي شاھه قادري قبرستان ۾ دفنايو ويو، ٻئي پاسي پونئيرن سان تعزيت جو سلسلو هلندڙ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button