پاڪستانسنڌ

دادو ۾ بدامني خلاف شهري رستن تي نڪري آيا، مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال شروع

دادو: دادو ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شهري روڊن تي نڪري آيا، پوليس خلاف شديد نعريبازي ڪندي مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال شروع ڪئي وئي آهي، سياسي، سماجي، ادبي، ٽريڊ يونين جي اڳواڻن، سول سوسائيٽي جي نمائندن ضمير احمد ڪوريجو، جاويد احمد گهلو، جبار ٻٻر، راجا رفيق پنهور، ساجد مستوئي، گلشير سولنگي، مجيب پنهور، غفار جمالي، رجب علي شاهاڻي، نواب مگسي، خادم چانڊيو، محمد بخش ڪورائي ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانهيو ته دادو ۾ روزانو 5 کان 8 موٽرسائيڪلون ڦر ۽ چوري ٿين ٿيون. ايس ايس پي دادو بدامني جو ذميوار آهي، شهر کي ڏوهارين حوالي ڪيو ويو آهي.

دادو پوليس شهرين جي جان و مال جو تحفظ ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي، سپريم ڪورٽ جي واضع هدايتن باوجود هوم ڊسٽرڪٽ ايس ايڇ او ۽ انچارج مقرر ڪيا ويا آهن، جيڪي هٿ سان دادو ۾ ڏوهه ڪرائن ٿا، هنن چيو ته دادو مان صرف هڪ مهيني ۾ 100 کان وڌيڪ ڦرون، ڌاڙا ۽ چورين جون وارداتون ٿيون هڪ به رڪوري نه ٿي آهي، هنن چيو ته پوليس اگهور ننڊ ستل آهي، ڏوهاري ڏينهن ڏٺي جو شهرين کي ڦري لٽي رهيا آهن، آخر شهرين ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟ ايس ايس پي دادو ضلعي جي اڌ کان وڌيڪ پوليس کي ويزا تي موڪلي ڇڏيو آهي ۽ شهر کي ڏوهارين حوالي ڪري پاڻ ننڊ ستل آهي، جڏهن ته ان موقعي تي سماجي اڳواڻ ضمير احمد ڪوريجو ۽ راجا رفيق پنهور مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال جو اعلان ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button