پاڪستانسنڌ

فريدآباد ۾ ڊي ايڇ او دادو خلاف هيومن رائيٽس يونٽي جو ڌرڻو

فريدآباد: ڊي ايڇ او دادو عبدالحميد شيخ پرائيويٽ اسپتال مان سماجي اڳواڻ سڪندر بروھي جي پيرسن ما کي ڌڪا ڏئي اسپتال مان ڪڍڻ خلاف فريدآباد ۾هيومن رائيٽس يونٽي فائونڊيشن آف پاڪستان جي اڳواڻن سڪندر بروھي، محرم علي رند، شبير احمد ڪرٽيو، پير محمد ڏيرو، عبدالستار بروھي، علي اصغر بروھي، فدا حسين ڏيرو، سيد سڪندر شاھه جي اڳواڻي ۾ 71 ھين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري سٽي گيٽ تي ڌرڻو ھنيو ويو.

ان موقعي اڳواڻن چيو ته ڊاڪٽر عبدالحميد شيخ نجي اسپتال ۾ مسڪين عورتن سان اڍنگو رويو اختيار ڪري ٿو. سرڪاري اسپتالن ۾ عملي سان صوبيداري ھلائي ٿو. هنن مطالبو ڪيو ته ڊي ايڇ او دادو کي ھٽائي سندس ڪيل ڪرپشن جي جاچ ڪرائي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رھندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button