پاڪستانسنڌ

سنڌڙي ۾ سماجي براين خلاف سنڌ پاڪ تحريڪ جي ريلي

سنڌڙي: سنڌڙي ۾ سنڌ ۾ فيصلن جي امين شاھنواز خان جوڻيجو جي پٽ شاھجھان خان جوڻيجو، غلام حسين مري، رسول بخش ٿيٻو، اعجاز ميتلو، انور علي ٿھيم، سرور ابڙو، حاجي محمد درس ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سنڌ پاڪ تحريڪ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سفينا، گٽڪي، ڪچي شراب، جوا، وياج ۽ ٻين سماجي براين خلاف مين چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو. هنن مطالبو ڪيو ته سڄي سنڌ ۽ ميرپورخاص ضلعي کي منشيات کان پاڪ ڪيو وڃي، منشيات جي ڪري ڪينسر جھڙو موضي مرض پکڙي رھيو آھي، سڄي سنڌ ۾ منشيات عام وکر جيان وڪرو ٿي رھي آھي، جوا سرعام هلي رهي آھي، وياج ۽ ذخيره اندوزي جھڙيون برايون عام جام ھلي رھيون آھن، ڪير به ان کي روڪڻ لا قدم نه ٿو کڻي، منشيات واپرائڻ سبب نوجوان وات جي ڪينسر جھڙي موضي مرض ۾ جڪڙجي رھيا آھن، ھاڻ عورتون به سفينا، آداب ۽ ٻيون نشي واريون سوپاريون واپرائن ٿيون. ھنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جوا، منشيات ۽ وياج خوري بند ڪرائي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button