غلام نبي شاھه ويجھو ڳوٺ علي خان سمون ۾ 11 مھينا اڳ اوطاق تي ويٺل پ پ اڳواڻ شوڪت سمون کي گوليون ھڻي قتل ڪرڻ واري ڪيس ۾ نامزد جوابدارن محمد بخش نهڙي، نور محمد سميجو، جمن سمون جي سيشن ڪورٽ عمرڪوٽ مان منظور ٿيل ضمانت کي مقتول شوڪت جي ڀاءُ ۽ ڪيس جي فريادي مير محمد سمون هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ چيلينج ڪرڻ لا درخواست داخل ڪري ڇڏي آھي، عدالت درخواست تي 6 آڪٽوبر تي ٻڌڻي رکي آھي. ياد رھي ته مقتول شوڪت سمون 11 آڪٽوبر 2020ع تي قتل ٿيو، جنهن جو قتل ڪيس غلام نبي شاھه ٿاڻي تي 8 جوابدارن خلاف داخل آھي، جنھن ۾ ھڪ جوابدار فوت ۽ ھڪ جوبدار روپوش آھي، جڏھن ته 6 جوابدارن پي پي ايم اين اي پير امير شاھه جيلاني ۽ ٻيا ضمانت تي آزاد ٿيل آھن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close