سنڌ

پيپلزپارٽي اڳواڻ جي قتل ڪيس جي جوابدارن جي ضمانت هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ چيلينج

غلام نبي شاھه ويجھو ڳوٺ علي خان سمون ۾ 11 مھينا اڳ اوطاق تي ويٺل پ پ اڳواڻ شوڪت سمون کي گوليون ھڻي قتل ڪرڻ واري ڪيس ۾ نامزد جوابدارن محمد بخش نهڙي، نور محمد سميجو، جمن سمون جي سيشن ڪورٽ عمرڪوٽ مان منظور ٿيل ضمانت کي مقتول شوڪت جي ڀاءُ ۽ ڪيس جي فريادي مير محمد سمون هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ چيلينج ڪرڻ لا درخواست داخل ڪري ڇڏي آھي، عدالت درخواست تي 6 آڪٽوبر تي ٻڌڻي رکي آھي. ياد رھي ته مقتول شوڪت سمون 11 آڪٽوبر 2020ع تي قتل ٿيو، جنهن جو قتل ڪيس غلام نبي شاھه ٿاڻي تي 8 جوابدارن خلاف داخل آھي، جنھن ۾ ھڪ جوابدار فوت ۽ ھڪ جوبدار روپوش آھي، جڏھن ته 6 جوابدارن پي پي ايم اين اي پير امير شاھه جيلاني ۽ ٻيا ضمانت تي آزاد ٿيل آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button