سنڌ

اڳڙا ۾ ڳوٺاڻن جو عورتن سميت پوليس خلاف احتجاج

اڳڙا ڀرسان ڳوٺ محمد پنڃل ڪلھوڙو جي رھواسين عورتن سميت پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ڦاپل خاتون، نورزادي، روزينه، امينت خاتون، جميلا، عبدالرحمان، يونس اياز، مراد ڪلھوڙو ۽ ٻين دانھيو ته اڳڙا پوليس اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، اسين پورھيت آھيون، گذريل رات پوليس اٽالن گهرن ۾ گهڙي ڀڃ ڊاهه ڪئي، ٻڪريون، موٽر سائيڪل، سولر پليٽون، پکا ۽ ٻيو سامان کڻي ويا. کين پاڪ ڪتاب جا واسطا ڏنا ۽ ڪارروائي جو سبب پڇيو پر هو نه مڙيا، هنن چيو ته خوف ۽ حراس سبب اسان جا معصوم ٻارڙا ڪيھاٽ ڪندا رهيا، اڳڙا پوليس خلاف ڪارروائي ڪري سامان واپس ڪرائي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button