سنڌ

ٽنڊوباگو ۾ ڀاڻ ڦر جو ڪيس داخل،8 ڄڻا گرفتار،150 ٻوريون هٿ

ٽنڊوباگو ۾ اين ايل سي ٽرالر مان ڦر ڪيل 600 ٻورين جو ڪيس ٽرالر جي ڊرائيور محمد اقبال بلوچ جي فرياد تي ڀاڻ جي ڊيلر جئه پرڪاش خلاف 420 تحت فراڊ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏھن ته ٽنڊوباگو پوليس مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي 8 ڄڻا گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيا. ڦر ڪيل ڀاڻ مان 150 ٻوريون پوليس هٿ ڪري ورتيون آهن. ٻي طرف ٽنڊوباگو ٿاڻي تي سرڪار پاران اي ايس آ رسول بخش ڀنڀرو جي فرياد تي قلم 395 پ پ سي تحت 50 ڄڻن کي نامزد ڪري ۽ 50 نامعلوم ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڀاڻ جي ڦرلٽ واري ڪيس ۾ جاويد جمالي، مور جمالي، عبدالقادر چانڊيو سميت 50 ڄڻن کي سڃاڻي نامزد ڪيو ويو آهي. جڏهن ته علي مراد چانڊيو، ڀارو ڪولهي، لطيف ڪنڀار ۽ فهيم ڪنڀار سميت 8 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button