سنڌ

يوريا، کنڊ ۽ ڪڻڪ مافيا هارين کي معاشي طور تباهه ڪيو آهي:اياز لطيف

ٽنڊو محمد خان جي شھر مويا ۾ سرداري ۽ جاگيرداري نظام خلاف ۽ شھيد علي مير رند جي پھرين ورسي ملهائي وئي، جنهن ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جلسي کي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ ڪافي وقت کان لاقانونيت آھي. هتي مخالفن کي هيسائي انهن جو پاڻي بند ڪري انهن جا رستا گس بند ڪيا ويندا آھن. ڪڏھن ڪڏھن انهن کي بيگناهه قتل ڪرايو ويندو آھي. شھيد علي مير رند جو قتل به ان جي ڪڙي هئي. اياز لطيف چيو ته سنڌ ۽ ان جي وسيلن جي مالڪي ڪرڻ لا متحد ٿيڻو پوندو، اچو اسان جو ساٿ ڏيو. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ اربين رپين جي سرڪاري زمينن تي قبضا آهن، پاڪستان جو عوام ڪرپشن ۽ انتهاپسندي جي ڪري عدم تحفظ جو شڪار آهي. يوريا، کنڊ ۽ ڪڻڪ مافيا هارين کي معاشي طور تباهه ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي ماڻھو سعودي ۽ آمريڪي پاليسين تي ھليا ڏسو انهن ھاڻ رستا تبديل ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته وفاق سنڌ سان بجلي، گيس ۽ پاڻي ۾ زيادتي بند ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button