پاڪستانسنڌ

سامارو ۾ حددخلين خلاف آپريشن، دڪان پٽ

سامارو/سامارو روڊ: سامارو تعلقي انتظاميا سامارو روڊ جي ريلوي لائين تي ويٺل مسڪين ماڻھن جي جھوپڙين ۽ ڪئبنون توڙي دڪان ڊاھڻ لاءِ ڪرين مشين ۽ پوليس کي ساڻ ڪري آپريشن شروع ڪري ڇڏيو، ڳوٺ اميد علي ڪپري ۾ ريلوي لائين جي ڀر ۾ ٺھيل ۽ بند پيل دڪان ڪرين سان ڊاھي پٽ ڪيو ويو، حددخلين جي آڙ ۾ متاثر ٿيل ماڻهن دادو ڪولھي، رامچند، عمر سيال ۽ ٻين ميڊيا اڳيان دانھيندي چيو ته اسان کي ضلعي عمرڪوٽ ۽ تعلقي انتظاميا طرفان سرڪاري حدن مان پاڻمرادو حددخليون ھٽائڻ لا ڪوبه نوٽيس ناهي ڏنو ويو، اڄ اوچتو اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو ڪرين مشين ۽ پوليس وٺي اچي اسان تي ڪڙڪي گھر خالي ڪرڻ جو حڪم جاري ڪندي چيو ته پنھنجا گھر پاڻ ڊاھيو ٿا يا اسان ڪرين مشين ذريعي ڊاھيون. غريب متاثرن چيو ته اسان پنھنجو سامان به بچائي ناھيون سگھيا، ھن ٿڌ ۾ پنھنجا ٻار وٺي ڪيڏانهن دربدر ٿيون. ذريعن موجب ريلوي ڦاٽڪ ڀر ۾ هڪ پئٽرول پمپ به حددخلين ۾ اچي ٿو، پر پمپ خلاف ڪارروائي ناهي ڪئي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button