پاڪستانسنڌ

صوفي فقير ۾ مچ ڪچهري، شاعري ذريعي ڌرتي کي ڀيٽا

صوفي فقير: صوفي فقير ويجهو ڳوٺ ڳموري ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران “شاھه لطيف” نالي سان مچ ڪچهري ۽ صوفياڻي محفل ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ علائقي جي اديبن، شاعرن ۽ سگهڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سگهڙن ۽ ٻين ڳجهارتون ۽ گوڙا ڏئي محفل کي مچائي ڇڏيو. نوجوان شاعرن زوار بنگلاڻي، حاجي ساند، پريم شوڪ، مير مجاهد پلي، لطيف دانش پلي، عالم جان، اشرف پلي، اڪبر پلي، گل حسن پلي ۽ ٻين پنهنجي تخليق ذريعي ڌرتي کي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي مچ ڪچهري سجهائيندڙ نوجوان سياسي اڳواڻ گل حسن پلي، ڀليڏنو راڄڙ، خير محمد کاڙت ۽ ٻين چيو ته مچ ڪچهريون اسان جي ثقافت جو حصو آهن، سنڌ جي ثقافت دنيا جي شاهوڪار ثقافت آهي، جنهن کي سڄي دنيا تسليم ڪري ورتو آهي. آخر ۾ قومي گيتن تي رقص ڪري ڏانڊيا راند ڪئي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button