لاهور: پوليس سيالڪوٽ ۾ سريلنڪن شهريءَ کي زندهه ساڙڻ واري ڪيس جو شروعاتي چالان تيار ڪري پراسيڪيوشن حوالي ڪري ڇڏيو، چالان ۾ 85 جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو آهي. چالان ۾ 12 گرفتار جوابدارن کي مرڪزي جوابدار قرار ڏنو ويو آهي. مرڪزي جوابدارن ۾ فيڪٽري ملازم به شامل آهن. چالان ۾ مرڪزي جوابدارن جو ڪردار لکيو ويو آهي. مرڪزي جوابدارن کي سي سي ٽي وي سميت ٻين شاهدين سان سُڃاتو ويو. چالان ۾ جوابدارن جي فرانزڪ رپورٽ به شامل ڪئي وئي آهي. پراسيڪيوشن جي منظوريءَ کانپوءِ چالان دهشتگرديءَ جي انت واري عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close