اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

چين مان 50 هزار ميٽرڪ ٽن يوريا ڀاڻ درآمد ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد :ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) چين مان 50 هزار ميٽرڪ ٽن يوريا ڀاڻ درآمد ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. جڏهن ته اي سي سي گاڏين سميت ٻين شين جي درآمد تي لاڳو ڪسٽمز ڊيوٽي ۽ ٽيڪسن ۾ تبديلي ۽ پيٽروليم ڊويزن لاءِ مشروط طور تي ٽيڪنيڪل سپليمينٽري گرانٽ جي منظوري به ڏني آهي. ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي چين مان حڪومتي سطح تي 50 هزار ميٽرڪ ٽن يوريا ڀاڻ جي آمدني واپار ۽ آمدني واپار جي گاڏين ۽ ٻين شين تي ٽيرف پاليسي بورڊ جي سفارشن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس اربع ڏينهن هتي ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين جي صدارت ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير سفخر امام، وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، وفاقي وزير محمد ميان سومرو، وفاقي وزير مونس الاهي، واپار بابت وزيراعظم جو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وفاقي سيڪريٽريز ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ واپار واري وزارت طرفان آمدني واپار وارين گاڏين ۽ ٻين شين تي ٽيرف جي شرح کي معقول بنائڻ جي حوالي سان سمري پيش ڪئي وئي، اها سمري صنعت ۽ پيداوار واري وزارت ۽ ٻين شعبن جي درخواست تي جمع ڪرائي وئي. اجلاس ۾ ان سمري جو تفصيل سان جائزو ورتو ويو ۽ ڪيترين ئي تبديلين سان ٽيرف پاليسي بورڊ جي سفارشن جي منظوري ڏني وئي. اي سي سي فيصلو ڪيو ته آٽو جي شعبي بابت ڪجهه سفارشن جو 6 مهينن بعد جائزو ورتو ويندو. اجلاس ۾ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت طرفان ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان ذريعي چين مان يوريا جي آمدني واپار بابت سمري پيش ڪئي وئي. اي سي سي تفصيلي بحث کانپوءِ پاڪستان اسٽينڊرڊ ڪوائلٽي ڪنٽرول اٿارٽي مان ڪليئرنس ملڻ بعد چين مان حڪومتي سطح تي 50 هزار ميٽرڪ ٽن يوريا جي فوري آمدني واپار جي اجازت ڏني. ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان کي چيني حڪومت جي منظور ٿيل سپلائير کان يوريا جي قيمت تي ڳالهائڻ جو هدف به ڏنو ويو. اجلاس ۾ پئٽروليم ڊويزن ۽ پاور ڊويزن لاءِ فني ضمني گرانٽس جي منظوري به ڏني وئي، اجلاس ۾ پاور ڊويزن لاءِ فني ضمني گرانٽ جي منظوري به ڏني وئي جڏهن ته ان کي ناڻي واري وزارت سان مفاهمت سان مشروط ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button