پاڪستانپنجاب

مري سانحو انتظامي نااهلي آهي،ذميوار وزير هٽايا وڃن:شهباز شريف

لاهور:مسلم ليگ(ن) جي صدر ۽ اپوزيشن اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته مري ۾ فوتگيون انتظامي نااهلي ۽ ڏوهاري غفلت جو دردناڪ واقعو آهي.رپورٽ موجب مري ۾ سخت ٿڌ دوران سياحن جي فوتگين تي افسوس جو اظهار ڪندي شهباز شريف چيو ته مري ۽ گليات ۾ ٽريفڪ رش ۾ ڦاٿل گاڏين ۾ شهرين جون فوتگيون انتظامي نااهلي ۽ ڏوهاري غفلت جو دردناڪ واقعو آهي. جڏهن حڪومت کي خبر هئي ته شهري هن خطرناڪ ٿڌ ۾ ڦاٿل آهن ته کين بچائڻ ۽ محفوظ هنڌن ڏانهن پهچائڻ جي ڪوشش ڇو نه ڪئي وئي. مخالف ڌر اڳواڻ چيو ته هي حڪومت جي انتظامي صلاحيت جو عالم آهي ته مري ۽ گليات ۾ ٽريفڪ انتظام ڪرڻ جي به قابل ناهي. جيڪڏهن حڪومت هڪ هزار گاڏين جي انتظام جي صلاحيت به نٿي رکي ته پوءِ کيس اقتدار ۾ رهڻ جو ڪوبه حق نه آهي. جيڪڏهن سياح ايتري وڏي انگ ۾ وڃي رهيا هئا ته حڪومت کي خبر ڇو نه پئي. انتظاميا ڪٿي ستل هئي. اڳواٽ انتظام ڇو نه ڪيا ويا. عمران نيازي ۾ ته اخلاقي جرئت ناهي. گهٽ ۾ گهٽ هن سنگين ڏوهاري غفلت جي ذميوار وزير ۽ ماتحتن کي کي هٽايو وڃي. هن ناحق فوتگين تي ڪنهن کي ته ذميوار قرار ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button