پاڪستانپنجاب

فوتگيون برفباري سان نه پر حڪومت جي غفلت سبب ٿيون آهن:مريم نواز

لاهور: ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز مري ۾ پيش آيل سانحي تي تحريڪ انصاف جي حڪومت ۽ وزيراعظم عمران خان کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم نواز چيو ته مري ۾ بي يارو مددگار برف ۾ ڦاٿل ڪُٽنبن جي فوت ٿيڻ واري تڪليف ڏيندڙ واقعي دل کي لوڏي ڇڏيو آهي. هُن چيو ته حڪومت تي تنقيد ڪرڻ جو ڪو فائدو ناهي، ڇو ته هي مئل ضمير واري حڪومت گهڻو اڳ مري چڪي آهي. الله تعاليٰ مرحومن، انهن جي وارثن ۽ پاڪستان تي پنهنجو خاص رحم فرمائي. سندس چوڻ هو ته حڪومت جو ڪم رڳو سياحن جي ڳڻپ ڪرڻ ناهي پر اُنهن جي لاءِ اڳواٽ انتظام ۽ حفاظتي قدم کڻڻ آهي. شهباز شريف جي بُوٽن ۽ خدمت جو مذاق اڏائيندڙ پنهنجي محل ۾ ويهي ڪِرندڙ حڪومت کي بچائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن. هي فوتگيون برفباري سان نه پر حڪومت جي غفلت سبب ٿيون آهن. مريم نواز وزير اعظم عمران خان کي ٽيگ ڪندي پُڇيو ته توهان کي ٿورو به احساس آهي عوام جو، يا دل رحم کان بلڪل خالي آهي؟ توهان کي الله جو خوف ناهي؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button