اسلام آبادپاڪستانپنجاب

مري آفت سٽيل قرار،وزيراعظم سانحي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد/لاهور :وزيراعظم عمران خان مري ۾ پيش آيل افسوسناڪ سانحي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ڪالهه ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم عمران خان مري سانحي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مري ۾ سياحن جي فوتگين تي ڏک پهتو آهي. واقعي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عمران خان چيو ته مري ۾ پوندڙ برفباري ۽ موسمي حالتن جي خبر رکڻ کانسواءِ عوام مري جو رخ ڪيو. اهڙي صورتحال جي لاءِ ضلعي انتظاميا تيار نه هئي. اهڙن واقعن کي روڪڻ جي لاءِ سخت انتظام ڪيا وڃن. ٻئي طرف پنجاب حڪومت مري کي آفت سٽيل قرار ڏيندي ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار مري جي صورتحال انتهائي خراب ٿيڻ بعد سرڪاري ريسٽ هائوسز ۽ سرڪاري آفيسن کي سياحن جي لاءِ کولڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. وڏي وزير انتظاميا کي هدايت جاري ڪندي چيو ته پيدا ٿيل صورتحال ۾ سياحن کي هر ممڪن رليف فراهم ڪيو وڃي. هُن مري ۾ برف اندر ڦاٿل ماڻهن کي حفاظت سان ڪڍڻ جي لاءِ ريسڪيو آپريشن کي تيز ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته سياحن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا وڃن، سياحن کي ضروري امدادي شيون به فراهم ڪيون وڃن. پنجاب جي وڏي وزير راولپنڊي ۽ ٻين شهرن مان واڌو مشينري ۽ عملو مري اماڻڻ جي هدايت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button