آزاد ڄمون ۽ ڪشمير

ڪشمير ۾ شديد برفباري،فلائٽ آپريشن متاثر،3 هزار گاڏيون ڦاٿل

سرينگر :ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ وادي ڪشمير جي اڪثر هنڌن تي ڪالهه صبح شديد برفباري ٿي ۽ اختيارين برفاني ڇپن وارن علائقن لاءِ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي هئي ته والاريل علائقي جي ڪجهه حصن ۾ برفباري ۽ برسات جي شدت ۾ اضافي جو امڪان آهي. علائقي ۾ شديد برفباري سبب سرينگر هوائي اڏي تي سموريون اڏامون دير جو شڪار ٿيون آهن. سرينگر هوائي اڏي جي اختيارين اڄ هڪ نوٽيفڪيشن ۾ چيو ته سموريون اڏامون دير جو شڪار آهن ڇو جو مسلسل برفباري سبب هوائي اڏن تي ڏسڻ جي حد گهٽجي وئي آهي. مسلسل برسات سبب لينڊ سلائيڊنگ ٿيڻ سبب سرينگر ڄمون شاهراهه بند ٿي وئي آهي جيڪا ڪشمير وادي جي ٻي دنيا سان واحد زميني رابطو آهي. شاهراهه بند ٿيڻ سبب گهٽ ۾ گهٽ 3 هزار گاڏيون ڦاسي پيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button