پاڪستانپنجاب

سياحت وڌائڻ جو اهو مطلب نه هو ته سڀ هڪ ئي وقت اچي وڃن:فواد چوڌري

لاهور: سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ٿوري وقت ۾ ايترا ماڻهو سنڀالڻ ممڪن ناهي. گهٽ وقت ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهو مري پهتا، جنهن سبب مسئلا پيدا ٿيا. سياحت وڌائڻ بابت اسان جو اهو مطلب نه هو ته سمورا ماڻهو هڪ ئي وقت اچي وڃن. ڪالهه لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو ته انتظاميا جي لاءِ مشڪل هو ته ايتري وڏي انگ ۾ آيل سياحن کي ڏسي ها. رڳو مري نه پر سمورن مٿين علائقن ۾ هن وقت وڏي انگ ۾ ماڻهو موجود آهن. مري ۾ صورتحال بهتر ٿي رهي آهي، ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍيو پيو وڃي. هن چيو ته 48 ڪلاڪن ۾ لکين ماڻهو پهچي وڃن ته سنڀالڻ مشڪل بڻجي ويندو آهي. هڪ هفتي کان انتظاميا چئي رهي هئي ته گاڏين سميت مري نه اچو. ڦاٿل گاڏين ۾ گهڻا ماڻهو اُهي هئا، جيڪي 48 ڪلاڪن ۾ مري پهتا هئا. هن واقعي مان سکي اڳتي مئنيجمينٽ بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي. سندس چوڻ هو ته هن وقت ملڪ ۾ ڦرجي وياسين، مري وياسين ۽ برباد ٿي وياسين جهڙي صورتحال ناهي. سياحت وڌائڻ خراب ڳالهه ناهي پر هن واقعي کان سکڻ ضروري آهي. واضح رهي ته مري ۾ شديد برفباري ۽ سياحن جي رش سبب صورتحال تمام گهڻي خراب ٿي وئي ۽ 20 کان وڌيڪ ماڻهو گاڏين اندر ئي فوت ٿيڻ ڪري سياحتي هنڌ کي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button