پاڪستانپنجاب

حالتون خراب ٿيون ته تعليمي ادارا بند ڪرڻا پوندا:شفقت محمود

لاهور : تعليم بابت وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته ڪرونا جون جيڪڏهن حالتون وڌيڪ خراب ٿيون ته اسان کي تعليمي ادارا بند ڪرڻا به پئجي سگهن ٿا. ڪالهه وفاقي وزير فواد چوڌري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شفقت محمود چيو ته ڪرونا وبا دوران اسان سڀ فيصلا بين الصوبائي تعليمي وزيرن جي ڪانفرنس تحت ڪيا آهن ۽ هاڻ به گڏجي ڪنداسين. هن چيو ته هر صوبي جي صورتحال مختلف آهي پر جيڪڏهن حالتون وڌيڪ خراب نه ٿين ته اسان جي ڪوشش ۽ خواهش اها ئي آهي ته تعليمي ادارا کليل رهن پر جيڪڏهن حالتون وڌيڪ خراب ٿيون ته اسان کي تعليمي ادارا بند ڪرڻا به پئجي سگهن ٿا. سندس چوڻ هو ته صوبائي ايڊوائزري ڪائونسل جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي اسيمبلي جي تڪ ۾ تنظيم ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو. هن چيو ته پارٽي ۾ ضلعي، تعلقي ۽ تڪ جي بنياد تي تنظيم سازي ڪئي ويندي، ورڪرن کي پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته اسان انهن سان گڏ آهيون، نيبرهڊ ڪائونسل، صوبائي اسيمبلي تڪ ۽ ضلعي سطح تي تنظيم ٺاهي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button