اسلام آبادپاڪستان

مري گهمڻ ويل 4 دوست به فوتين ۾ شامل

اسلام آباد: مري ۾ برف جي طوفان ۾ ڦاٿل 4 دوست به فوت ٿي ويا. مري ۾ تفريح لاءِ ويندڙ 4 دوستن برف تي سيلفي به ڪڍي هئي، جيڪا انهن جي زندگي جي آخري سيلفي ثابت ٿي. انهن جي تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، جنهن تي واهپيدار افسوس جو اظهار ڪري رهيا آهن. گهمڻ ويل اهي چار ئي بدنصيب دوست به برفاني طوفان ۾ ڦاسي پيا ۽ چار ئي گاڏيءَ ۾ مئل حالت ۾ هٿ آيا. ڊپٽي ڪمشنر مردان موجب انهن مان ٽن جو واسطو مردان سان هو، جن ۾ سهيل خان، اسد ۽ بلال شامل آهن، جڏهن ته چوٿون نالي بلال حسين ڪراچي جو رهواسي هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button