آزاد ڄمون ۽ ڪشميرپاڪستان

گلگت بلتستان اسيمبلي جي چونڊ عدالت روڪي ڇڏي،نمبر گيم شروع

گلگت: گلگت بلتستان جي اڳوڻي وڏي وزير خالد خورشيد جي جعلي ڊگري اسڪينڊل ۾ نااهلي کانپوءِ گلگت بلتستان جي سياسي صورتحال دلچسپ رخ اختيار ڪري ورتي آهي. خالد خورشيد خلاف اليڪشن وڙهندڙ پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن جي اميدوارن خالد خورشيد جي ڊگري کي اليڪشن ڪميشن ۾ چئلينج ڪيو هو، جنهن تي چيف اليڪشن ڪمشنر وڏي وزير کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو هو. گلگت بلتستان جي وڏي وزير جي ڊگري لنڊن مان هئي ۽ کيس گلگت بلتستان بار ڪائونسل طرفان وڪيل جو لائسنس جاري ڪيو ويو هو پر لنڊن يونيورسٽي طرفان ڊگري جي تصديق نه ڪئي وئي هئي، جنهن تي عدالت خالد خورشيد کي ڪالهه نااهل قرار ڏئي ڇڏيو. پاڪستان تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي خالد خورشيد سبب گلگت بلتستان جي وڏي وزير لاءِ راجا اعظم جو نالو تجويز ڪيو، جنهن جي پارٽي چيئرمين به منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

سپريم ڪورٽ گلگت بلتستان جي وڏي وزير جي چونڊ روڪي ڇڏي. ٻئي طرف گلگت بلتستان اسيمبلي جي 33 رڪني ايوان ۾ 17 جي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ نمبر گيم شروع ٿي وئي آهي. جڏهن ته پي ٽي آ ۾ فارورڊ بلاڪ ٺهي ويو آهي، فارورڊ بلاڪ ٺاهيندڙ گلبر خان دعويٰ ڪئي آهي ته کيس پي ٽي آءِ جي ٽن وڌيڪ ميمبرن جي حمايت حاصل آهي. هوڏانهن تحريڪ انصاف جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري رئوف حسن جو چوڻ آهي ته رياستي مشينري جي بدترين استعمال ذريعي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جو مقصد آهي، چونڊيل ميمبرن کي گرفتار ڪري هارس ٽريڊنگ ڪري عوامي مينڊيٽ تي ڦرلٽ ڪرڻ جو منصوبو آهي. رئوف حسن جو چوڻ آهي ته سازشي عنصر اسيمبلي جو اجلاس گهٽ ۾ گهٽ 7 ڏينهن روڪڻ چاهين ٿا، هڪ آزاد ميمبر سميت 9 ميمبر اپوزيشن جو حصو آهن. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ جو حاجي گلبر خان به ٽن ساٿين سميت اپوزيشن ۾ شامل ٿي ويو ته اپوزيشن کي 17 جو انگ پورو ڪرڻ لاءِ 4 نون ميمبرن جي حمايت جي ضرورت پوندي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن سپريم اپيلٽ ڪورٽ گلگت بلتستان جي وڏي وزير خالد خورشيد کي جعلي ڊگري ڪيس ۾ نااهل قرار ڏنو هو. پي ٽي آءِ طرفان خالد خورشيد بدران راجا اعظم کي وزارت عظميٰ جو اميدوار نامزد ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button