زراعت ۽ ڪاروبارسنڌ

حيدرآباد ۾ به واڙي مالڪن کير جو اگهه 35 رپيا في ڪلو وڌائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ڪراچي کانپو حيدرآباد ۾ به واڙي مالڪن سرڪاري اگهه کير 185 رپيا في ڪلو وڪرو ڪرڻ کان انڪار ڪندي 35 في ڪلو رپيا واڌ جو مطالبو ڪيو آهي، اگهه نه وڌڻ جي صورت ۾ ڪاروبار بند ڪرڻ جو چتاءُ پڻ ڏنو ويو آهي. ان سلسلي ۾ حيدرآباد ڀينس ڪالوني جي واڙي مالڪن ڊاڪٽر امين جتوئي، شوڪت علي جتوئي، ذوالفقار جتوئي، سينگار ڀنڊ ۽ ٻين پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته حيدرآباد جي ضلعي انتظاميا کير جو في ڪلو اگهه 185 رپيا مقرر ڪيو آهي، جڏهن ته ڊيري تي اهو کير عام ماڻهن کي 190 کان 200 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي. هنن چيو ته ڊيزل، گاهه ۽ بهه مهانگو ٿيڻ سبب اسان کي فائدي بدران نقصان ٿي رهيو آهي، اسان ڪيترائي ڀيرا ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد کي اپيل ڪئي آهي ته کير جا اگهه وڌايا وڃن پر ڪوبه داد فرياد نٿو ٻڌو وڃي. هنن انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته واڙي جي کير جو اگهه 35 رپيا في ڪلو تي وڌائي 220 رپيا في ڪلو ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ واڙي مالڪ احتجاج طور ڪاروبار بند ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button