سنڌشوبز

عدالت ارشاد جاگيراڻي ۽ روبي علي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

حيدرآباد جي عدالت ٽي وي ميزبان ارشاد جاگيراڻي ۽ اداڪارا روبي علي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. هٽڙي جي علائقي سبحان الله ڪالوني جي رهواسي وڪيل گلزار علي عالماڻي ايڊيشنل سيشن جج نمبر 9 جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ته ارشاد جاگيراڻي ۽ روبي علي سوشل ميڊيا ذريعي غير اخلاقي وڊيوز شيئر ڪري سماج تي ناڪاري اثر وجهي رهيا آهن، سندن وڊيوز اعتراض جوڳيون هجن ٿيون جنهن ۾ هو اڪثر نازيبا لفظ به استعمال ڪن ٿا. جنهن سان بي حيائي وڌندي ۽ معاشري تي تمام گهڻا هاڃيڪار اثر پوندا. عدالت وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد ايس ايڇ او هٽڙي کي حڪم ڏنو ته درخواستگذار جو بيان سي آر پي سي 154 تحت رڪارڊ ڪري الزام هيٺ آيل ڌرين خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي. ٻئي طرف عدالت پاران ڪيس داخل ڪرڻ جي حڪم بعد روبي علي پنهنجي فيس بڪ اڪائونٽ تي ردعمل ظاهر ڪندي لکيو ته ايف آءِ آر رڳو مون تي ڇو؟ آئون هن وقت دبئي ۾ موجود آهيان، جتي خبر پئي ته مون مٿان ايف آءِ آر ڪرڻ جو حڪم ٿيو آهي، جڏهن ته سوشل ميڊيا تي اسان جي ماڊلز کان وڌيڪ وڊيوز سياستدانن جون وائرل ٿي چڪيون آهن، وڪيل کي اهڙي قسم جو گند ڪچرو پسند ناهي ته هو سڀني کي ڌر بڻائي ها، صرف اسان کي نشانو بڻائڻ ذاتي دشمني پاڙڻ آهي، اسان کي ڪافي خطرا آهن تنهن ڪري حيدرآباد جي ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ حياتي لا به خطرو هوندو ۽ ان جو سڄو ذميوار هي وڪيل هوندو، پاڪستان پهچي پنهنجي تحفظ لاءِ ڪراچي جي عدالت ۾ پٽيشن ڪرائيندس ۽ ان وڪيل کي ئي ڌر بڻائينديس، هي سڄو معاملو ذاتي دشمني جو نتيجو آهي، مان هرجاڻي جي درخواست ڪنديس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button