پاڪستانسنڌ

ٿر جي عوام جا بنيادي، انساني ۽ آئيني حق غصب ٿيڻ نه ڏينداسين:چيف جسٽس

مٺي: سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس گلزار احمد چيو آھي ته ٿري عوام جا بنيادي، انساني، قانوني ۽ آئيني حق غضب ٿيڻ نه ڏينداسين، ٿر جا قدرتي وسيلا سڄي ملڪ جي معيشت کي بهتر ڪري سگهن ٿا ته مقامي آبادي کي بنيادي حق نه ڏيڻ جو ڪهڙو جواز آھي؟. ٿري عوام کي حق نه ملڻ وڏي ۾ وڏو ڏوهه آھي، اهو ظلم اسان جي ملڪ ۾ نه ٿيڻ گهرجي، ٿري عوام کي حق ۽ انصاف ڏيارڻ لا اسان جون عدالتون پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪنديون رهنديون. اهڙو اظھار هن مٺي ۾ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن پاران ڪوٺايل تقريب ۾ وڪيل برادري کي خطاب ڪندي ڪيو. چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته ٿر مان جيڪا به معدنيات نڪري ٿي، ان تي ڪم ڪندڙ ڪمپنين کي پابند بڻايو وڃي ته ٿري عوام کي منافعي مان حصو ڏين، قدرتي وسيلن سان مالا مال ٿر جي عوام بابت اهو ٻڌي افسوس ٿيندو آھي ته کين وسيلن مان حصو ۽ حق نٿا ملن، اهڙو عمل انساني حقن تي حملو ۽ بنيادي اصولن جي خلاف ورزي آھي. ملڪي آئين عوام کي جيڪي حق ڏي ٿو، اهي ڪنهن به غضب ڪرڻ نه ڏينداسين، ٿري عوام کي حق ملڻ گهرجن، اهي ضرور ملندا. هن چيو ته مٺي بار جي صدر وسند ٿري تقرير ۾ ٿر جا اهم ۽ بنيادي مسئلا پيش ڪيا آھن، آئون کين اهو چوندس ته انهن مسئلن تي سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي وڃي ۽ عدالت کي انصاف جي درخواست ڪئي وڃي، عدالت ٿري عوام سان انصاف ضرور ڪندي. هن چيو ته آئون جيستائين عهدي تي آھيان، ان دوران ٿر لا گهڻو ڪجهه ڪندس ۽ ان کانپو به عدالتون ٿري عوام کي حق ۽ انصاف ڏيارڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪنديون رهنديون. هن چيو ته سنڌ ها ڪورٽ ۾ جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس مبين جهڙا جج موجود آھن، جيڪي عوام کي ضرور انصاف ڏياريندا. ٿر ۾ ڪم ڪندڙ ججز کي به چوندس ته ٿر ۾ دل سان ڪم ڪن ۽ عوام کي تڪڙو انصاف ڏيارين. ٿري عوام کي صحت، تعليم، پيئڻ جي صاف پاڻي، روزگار جي موقعن ۽ معدني وسيلن مان حصي سميت سموريون بنيادي سهولتون ملڻ گهرجن، جيڪا حڪومت جي ڪرم نوازي ناهي، پر فرض آھي. هن چيو ته ٿر قدرتي وسيلن سان گڏوگڏ ملڪ جو حسين ترين خطو آھي، آئون سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ايندو ويندو آھيان، پر منهنجي دل صرف ٿر ۾ لڳندي آھي، آئون سال 2000ع ۾ پهريون ڀيرو ٿر آيو هئس ۽ ان وقت آئون سنڌ بار ڪائونسل جو جنرل سيڪريٽري هئس، تڏهن ٿر ۾ خطرناڪ ڏڪار هو ۽ حالتون تمام خراب هيون، اسان وڪيل برادري ان وقت چندو ڪري کاڌي پيتي جي سامان جون 8 ٽرڪون ڀري ٿري عوام ۾ ورهائڻ آيا هئاسين، ان ڏينهن کان ٿر سان وابستگي ٿي ۽ اها وابستگي اڳتي هلي محبت جي رشتي ۾ تبديل ٿي وئي ۽ مون دل ۾ رکيو ته ٻئي ڪيڏانهن وڃان نه وڃان، پر ٿر ضرور ويندو رهندس. هن چيو ته آئون سانوڻ جي موسم ۾ جڏهن ايندو آھيان، تڏهن ٿر مون کي جنت جهڙو محسوس ٿيندو آھي، ٿر محبت ۽ رواداري جو مثالي خطو آھي. ٿر ۾ ثقافت، سياحت ۽ هٿرادو هنر کي هٿي وٺرائڻ جا وڏا موقعا موجود آھن، ٿر ملڪ جو بهترين تفريحي ماڳ آھي، پر سياحن لا رهائش ۽ کاڌي پيتي کان وٺي ڪي به گهربل بنيادي سهولتون مهيسر ناهن، جيڪي فراهم ڪرڻ وقت جي حڪومت جي ذميواري آھي. هن چيو ته ميرپورخاص کان ٿر تائين ريل پٽڙي وڇائي عوام کي سهولت فراهم ڪرڻ گهرجي ۽ ٿر ۾ موٽروي ٺاهڻ جي به ضرورت آھي. هن ڊي سي ٿر کي مخاطب ٿيندي چيو ته ٿر مان جيڪا به معدنيات وڃي ٿي، ان جي منافعي جو حصو ٿري عوام کي ملڻ کانسوا ٻاهر نه وڃڻ گهرجي، ٿر ۾ جيڪڏهن اين اي ڊي يونيورسٽي جو ڪئمپس آھي ته ان ۾ سمورا سبجيڪٽس هجڻ گهرجن ۽ ٿري عوام جا مسئلا ترجيح بنيادن تي حل ڪيا وڃن. هن چيو ته مون کي ڊي سي ٿر جي ترقي جون وڏيون وڏيون ڳالهيون ٻڌايون آھن، پر بار جي صدر جي تقرير ۽ ڊي سي جي ڳالهين ۾ وڏو فرق آھي. ٿر جي تفريحي ماڳن تي سهولتون ڏئي ٿر کي سياحن جي توجه جو مرڪز بڻايو وڃي ۽ ٿر جي چراگاهن واري زمين کي قبضاگيرن کان محفوظ بڻايو وڃي، ٿر جي معدني وسيلن تي مقامي ماڻھن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ لا ٿر ۾ ٽيڪنيڪل انسٽيٽوٽ قائم ڪيا وڃن، ٿر جي زمين جي سٽي سروي ڪرائي مقامي آبادي کي مالڪاڻه حق ڏنا وڃن، ٿر جي هٿرادو هنر کي هٿي وٺرائي وڃي، مقامي آبادي جي حق تلفي بند ڪري عوام کي بنيادي حق ڏنا وڃن. هن چيو ته ٿري عوام جو ٿورائتو آھيان، جنهن اڄ منهنجو شاندار استقبال ڪري محبت ۽ خلوص جو اظھار ڪيو. ان موقعي تي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس مبين لاکو سميت سنڌ بار ڪائونسل جا اڳواڻ پڻ موجود هئا. چيف جسٽس مٺي سيشن ڪورٽ جو دورو ڪيو ۽ ٻوٽو لڳائي وڻڪاري مهم سميت ڊسٽرڪٽ بار پاران قائم ڪيل لائبريري جو افتتاح ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button