اسلام آبادپاڪستانپنجاب

مري سانحو:حڪومت بي حس،انتظاميا گم/هڪ ڪمري جي مسواڙ 50 هزار

اسلام آباد :پنجاب جي سياحتي ماڳ مري ۾ شديد برفباري سبب 22 سياحن جي فوت ٿيڻ واري دردناڪ سانحي سبب سڄي ملڪ ۾ سوڳ ڇانيل آهي. جڏهن ته مري جي انتطاميا جي بيحسي، لاپرواهي ۽ نااهلي جو ڀانڊو ڦاٽي پيو آهي. ڪنهن به اداري مناسب نموني سياحن جي مدد نه ڪئي، انتظاميا ڦاٿل سياحن کي ننڌڻڪو ڇڏي ڏنو، في ڪمري جي مسوار 50 هزار تائين وڃي پهتي. مري ۾ برف هٽائڻ لا روڊن تان سرڪاري مشينري گم هئي، نه ٻيلي کاتي نه ئي سالٽ ڪليئرنس جي عملي ڪا مدد ڪئي. اهلڪارن به ڪو تعاون نه ڪيو. مقامي ماڻهن سياحن کي پنهنجن گهرن ۾ پناهه ڏني، پراڻو ون وي به بند ٿي ويو هو. هوٽل وارن ڪمائي خاطر سياحن کان هڪ رات جي رهائش جي 50 هزار رپيا مسواڙ جي گهر ڪئي. ان دوران ايتري قدر جو سياحن کي پنهنجي گهروارن جا زيور به ڏيڻا پئجي ويا. ان کان علاوه سياحن بند پيل گهرن جا تالا ٽوڙي ان ۾ پناهه ورتي. ان سلسلي ۾ برطانوي نشرياتي اداري بي بي سي جي رپورٽ موجب مري ۾ ڪيترائي روڊ سنسان ٿي ويا آهن، ڪافي گاڏيون اڃا به ڦاٿل آهن. ٽرئفڪ اهلڪارن ٻڌايو آهي ته جيڪي رستا کوليا ويا آهن، انهن کي به مڪمل ڪليئر قرار نٿو ڏئي سگهجي نه ئي سياح مري جو رخ ڪري سگهن ٿا. معلوم ٿيو آهي ته 8 جنوري تي برفباري ۽ اڳواٽ انتظامن لا اي سي جي آفيس ۾ اجلاس گهرايو ويو، جنهن ۾ هر اداري جا عملدار موجود هئا. سرڪاري اسپتال جي سربراهه ڊاڪٽر عبدالسلام ان اجلاس جي تصديق ڪئي آهي. هن ٻڌايو ته آئون پاڻ ان گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيو هوس، برفباري سبب 3 ميڊيڪل ڪئمپس به لڳايون. مري م 3 هزار گاڏين جي پارڪنگ آهي پر ان ڏينهن ڪل 30 هزار گاڏيون داخل ٿيون هيون. جڏهن ته ماڻهو هزارن جي تعداد ۾هئا. مري، پنڊي ۽ ايبٽ آباد پوليس جي ذريعن موجب پوليس مري، گليات ۾ ٽرئفڪ بلاڪ، رش ٿيڻ، برفباري بابت خراب صورتحال بابت رپورٽون تيار ڪري اماڻيندي رهي. اهلڪار موجب برفباري ۾ ماڻهو سيلفيون ڪڍي رهيا هئا پر مشينري ڪٿي پوئتي رهجي وئي. بي بي سي موجب ان حوالي سان اي سي مري، ڊي سي پنڊي ۽ گهرو وزير سان رابطو ڪيو ويو پر انهن ڪو جواب نه ڏنو. حڪومت داخلا تي پابندي جو اعلان رات جو 9 وڳي ڪيو تيستائين گهڻي دير ٿي چڪي هئي. ڪير به ڪيڏانهن نڪري نه ٿي سگهيو. واضح رهي ته موسميات کاتي مري ۾ شديد برفباري بابت هدايتون جاري ڪيون هيون. پر ٽول پلازا تي ماڻهن کي نه روڪيو ويو نه ئي موجود ماڻهن جي ڪا بروقت مدد ٿي سگهي. ٽرئفڪ اهلڪار قيصر موجب ريسڪيو آپريشن جمع ڏينهن 3 وڳي شروع ڪيو، ان ۾ ڪافي مشڪلاتون پيش آيون، 4-4 فوٽ برف پئجي چڪي هئي. ڊبل لائين ۾ مشينري لا جڳهه نه هئي، مشينري سني بئنڪ تائين پهچي سگهي. حڪومت ٻئي ڏينهن ٽول پلازا بند ڪرڻ جو چيو، اهو اسان جي اختيار ۾ نه هو. ها وي وارا مشينن لا ڊمپنگ پوائنٽ نٿا ٺاهين، مشينون سني بئنڪ تائين هونديون آهن، ان ڏينهن به حالتون خراب ٿيون، مشينري پهچڻ ۾ دير ٿي وئي. هن ٻڌايو ته اسان جي پي او چوڪ، جهيڪا گلي ۽ باڙيان تائين پوائنٽ ٺاهڻ جو چيو پر اهي سني بئنڪ تائين ئي محدود رکندا آهن. اسان ها وي وارن کي فونون ڪيون پر نه ٻيلي کاتي نه ئي سالٽ ڪليئرنس وارن ڪا مدد ڪئي. هن ٻڌايو ته اڃا به گاڏيون ڦاٿل آهن پر انهن جا ڊرائيور موجود ناهن. جڏهن ته ريسڪيو 1122 جي ميڊيا ڪوآرڊينيٽر قمر جو چوڻ آهي ته تمام گهڻي گاڏين جي رش ۽ برفباري سبب واقعو ٿيو، اسان مدد ڪري رهيا هئاسين. پر روڊ بلاڪ هجڻ ڪري مشينون حرڪت نه پئي ڪري سگهيون. رات جو دير سان شديد برفباري ٿي ته اسان جا اهلڪار به چرپر جي قابل نه رهيا. هڪ مقامي محمد صابر جو چوڻ هو ته اهو سڀ اوچتو ناهي ٿيو، روڊ بلاڪ ٿي رهيا هئا، برفباري وڌي رهي هئي، گاڏيون سلپ ٿي رهيون هيون پر ماڻهن کي نه ڪڍيو ويو. پر مقامي ماڻهن سياحن کي گاڏين مان ڪڍي مسجدن ۾ منتقل ڪيو. رات جو ٻيهر شديد برفباري ٿي ۽ بجلي هلي وئي. مقامي ماڻهو ان صورتحال جو هڪ سبب پراڻو ون وي ختم ڪرڻ کي به قرار ڏين ٿا. مري جي ڪالي مٽي ۽ جهينگا روڊ تي سڀ کان گهڻا ماڻهو فوت ٿيا. پراڻي ون وي کي بحال رکڻ گهرجي. سرگوڌا واسي سياح توقير حسين موجب هو خاندان سميت مري آيو هو، هن چيو ته اسان ڏکي صورتحال ۾ 20 هزار ڏئي ڪمرو ورتو، گاڏي ۾ تيل به نه هو. نگينا خان ٻڌايو ته هوٽل وارن 25 هزار رات جو ڪرايو گهريو. ڪلڊنا روڊ تي سياحن کان 50 -50 هزار رپيا رات جو ڪرايو ورتو ويو. سياح جهانداد نصير ٻڌايو ته 50 هزار ڪرايو گهريو ويو، پئسا گهٽ ٿيا ته زال جا زيور به هوٽل وارن کي ڏيڻا پئي ويا. ماجد عباسي موجب هوٽل وارن ناجائز منافعا خوري شروع ڪري ڇڏي هئي، حالانڪه هوٽلن ۾ گنجائش موجود هئي. مقامي شهري نعمان عباسي موجب اسان 500 سياحن کي دريا گلي ۾ هوٽلن کانسوا گهرن ۾ به پناهه ڏني، هڪ ڪمري ۾ 15-15 ماڻهن کي ويهاريو. پر حڪومت ڪو بندوبست نه ڪيو. برفباري سان گڏ وڻ به جام ڪري پيا هئا. هن ٻڌايو ته اهلڪار مدد ڪن ها ۽ اسان کين پناهه نه ڏيون ها ته شايد گهڻيون فوتگيون ٿين ها. بند گهرن کي به کوليو سين ان کان علاوه ٻيو چارو نه هو. مري واسي جو چوڻ هو ته اسان وٽ مشينري نه هئي پر بيلچن سان برف هٽائي، پرسرڪاري مشينري نه آئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button