اسلام آبادپاڪستان

روزگار کسي ماڻهن کي دهشتگرد قرار ڏنو پيو وڃي:اختر مينگل

اسلام آباد :بلوچستان نيشنل پارٽي جي اڳواڻ اختر مينگل چيو آهي ته حڪومت مني بجيٽ ۾ رڳو موت کانسواءِ هر شئي تي ٽئڪس لڳائي ڇڏيو آهي. ڪالهه قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي اختر مينگل چيو ته مني بجيٽ ٺيڪ نالو ناهي، ان کي ڪو ٻيو نالو ڏنو وڃي. سڀني ضروري شين تي 17 سيڪڙو ٽيڪس لڳايا ويا، مني بجيٽ ۾ رڳو موت تي ٽيڪس ناهي لڳايو ويو. هن چيو ته هن ملڪ ۾ موت سڀ کان سستو آهي، ٽيڪس لڳائڻو اٿوَ ته ڪوڙ، ناانصافين، نيب ۽ غلط فيصلن تي لڳايو. مرڪز مان روزگار جي اميد ناهي، ماڻهن ماهيگيري سان پنهنجو روزگار پيدا ڪيو، گوادر سي پيڪ جو جهومر آهي ۽ اتي ماڻهو احتجاج ڪري رهيا آهن. حڪومت بارڊر واپار کي بند ڪري ڇڏيو آهي، ماڻهو ڪيڏانهن وڃن، روزگار کسي ماڻهن کي دهشتگرد قرار ڏنو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته مري سانحي تي افسوس جو اظهار ڪيان ٿو، قدرتي آفتن ۾ حڪومتن جي به ذميواري هوندي آهي. قدرتي آفتون عملن جو نتيجو هونديون آهن، جيڪي ڀوڳڻيون پونديون آهن. حادثن ۾ حڪمرانن جي ڪمزوري ۽ حڪمت عملي جو به جائزو وٺڻ گهرجي. نااهلي سدائين حادثن کي جنم ڏيندي آهي، حادثن کانپوءِ ٺاهيل ڪميشن ۽ ڪميٽين جو ڪو فائدو ناهي نڪرندو. اختر مينگل وڌيڪ چيو ته مري متاثرن جو رڙيون ايوان ۽ ميڊيا ۾ ٻڌيون ويون، بلوچستان ۾ اهڙا ڪيترائي واقعا ٿيا، ڇا بلوچستان پاڪستان جو حصو ناهي؟ انهن حادثن تي ڪنهن ڳالهائڻ به ضروري نه سمجهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button