آمريڪي سپريم ڪورٽ دائش ۾ شموليت اختيار ڪندڙ شهري هدا مٿانا جي آمريڪا واپسي واري درخواست کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق هدا مٿانا دائش ۾ شموليت بعد شام وئي، جتي هن جي هڪ ويڙهاڪ سان شادي ٿي، جنهن مان کيس هڪ پٽ جو اولاد پڻ آهي. هدا آمريڪا ۾ مقرر يمن جي هڪ سفارتڪار جي نياڻي آهي، جنهن اتي ئي جنم ورتو ۽ هڪ قانوني جنگ بعد آمريڪا کيس پنهنجو شهري تسليم ڪيو، پر دائش ۾ شموليت ۽ وڏو عرصو ٻئي ملڪ ۾ رهڻ سبب اميگريشن قانون تحت سندس شهريت ختم ڪئي وئي هئي، جنهن جي والد علي احمد مٿانا نياڻي جي آمريڪي شهري طور واپسي جي سپريم ڪورٽ ۾ درخواست ڏني، جيڪا هاڻ رد ڪئي وئي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close