اسلام آبادپاڪستان

پاڪستان جي سياست مان چار ئي شريف مائنس آهن:شيخ رشيد

اسلام آباد:وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته تاريخي ڳالهه ڪيان ٿو ته پاڪستان جي سياست مان هاڻ چار ئي شريف مائنس آهن. هي چاهين ٿا ته جيڪو هٿ عمران خان جي مٿي تي رکيو ويو آهي، اهو هنن جي مٿي تي به رکيو وڃي. اهو هٿ هنن جي ڳچيءَ تي ته ايندو پر مٿي تي نه ايندو. شهباز شريف نواز شريف کان وڌيڪ ڪرپٽ آهي اها مون کي رڪارڊ مان خبر پئي آهي. ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي جو 3 کان 4 مهينن اندر خاتمو آڻينداسين. اپريل ۾ صورتحال ڪافي بهتر هوندي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي گهرو وزير چيو ته ڪالهه جيڪو اپوزيشن سان ٿيو، ان ان کان پوءِ کين هوش کان ڪم وٺڻ گهرجي. اپوزيشن انڌيون وهيل مڇيون آهن. انڌي اپوزيشن 2-2 لانگ مارچ ڪري رهي آهي. مان هنن کي چوان ٿو ته هڪ ڀيرو ئي لانگ مارچ ڪريو ته جيئن ٽوڪرو اوهان جي مٿان رکيو وڃي. لانگ يا لونگ مارچ ڪريو، ڪجهه به ڪريو، اسان لانگ مارچ ۾ رنڊڪ نه وجهنداسين. 23 مارچ تي او آءِ ايس جا مهمان اچي رهيا آهن جي ٽين به فضائي مارچ ڪندو. 23 مارچ جي احترام کي نظر ۾ رکيو وڃي اهو دفاعي اهميت جو ڏهاڙو آهي. شيخ رشيد چيو ته ملڪ جو معاشي ۽ اقتصادي مسئلو اسان کي جهيز ۾ مليو. آءِ ايم ايف وٽ پهريون ڀيرو نه پر 23 ڀيرا وڃڻو پيو، ڪوبه آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ پسند ناهي ڪندو. چورن، ڌاڙيلن ملڪ کي ايترو ڦريو آهي جو اسان کي هر ڀيري آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پيو. ٻنهي پارٽين جهڙي طرح ملڪ کي لٽيو ان جي سزا اسان ڀوڳي رهيا آهيون. عوام هن چورن کي جيلن ۾ ڏسڻ چاهي ٿي. اسان خوشي سان ناهيون ويا، پر حالتن ۽ مجبوري سبب وياسين. اسان آءِ ايم ايف وٽ وڃون ته حرام هي وڃن ته حلال آهي. گهرو وزير چيو ته مان سياست ۾ هميشه پهرين نمبر سان دوستي ۽ پهرين نمبر سان ئي جهيڙو ڪندو آهيان. نوازشريف اچڻ چاهي ٿو ته اچي، نٿو اچڻ چاهي ته ڀلي نه اچي. مون کي رڪارڊ مان خبر پئي آهي ته شهباز شريف نوازشريف کان وڌيڪ ڪرپٽ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button