اسلام آبادپاڪستان

جهازن مان لهي عوام جي حالت ڏسو:پي ٽي آءِ ميمبر پنهنجي حڪومت تي مڇرجي پيو

اسلام آباد :پاڪستان تحريڪ انصاف جي پنهنجي ئي قومي اسيمبلي ميمبر نور عالم خان پنهنجي جماعت سان واسطو رکندڙ قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر تي مڇرجي پيو آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ايم اين اي نور عالم خان قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر کي مخاطب ڪندي چيو ته اسان بيڪ بينچرز به ووٽ کڻي ايندا آهيون، ڇا اسان رڳو هتي ووٽ ڏيڻ ايندا آهيون؟ گناهگار رڳو اهي اڳين ٽن قطارن وارا ئي ناهن، ڊپٽي اسپيڪر، اوهان اسان ڏانهن ڏسندا ئي نه آهيو، اوهان کي اهي ئي 3 قطارون نظر اينديون آهن. هن چيو ته ڇا پاڪستان ۾ رڳو نوشهره، صوابي، سوات ۽ ميانوالي ئي آهن؟ ٻيا اوهان کي نظر ئي ناهن ايندا، اسان جي تڪن ۾ بجلي آهي نه گيس. سندس چوڻ هو ته مهرباني ڪري گاڏين ۽ جهازن مان لهو، عوام جي حالت ڏسو. اڳين ٽن قطارن وارن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهو، پاڪستان بچي ويندو. واضح رهي ته گذريل ڏينهن به پي ٽي آءِ جي ميمبر نور عالم پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس ۾ وزير اعظم کان اسٽيٽ بينڪ جي خودمختياري بابت سوال پڇيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button