پاڪستانسنڌ

سانگهڙ ۾ رياض ڪلهوڙي جي قاتلن جي گرفتاري لا مظاهرو

سانگھڙ: سانگهڙ ۾ شهيد رياض ڪلهوڙو جي قاتلن جي گرفتاري لا ايس ٽي پي تعلقي سانگهڙ جي ڪارڪنن پريس ڪلب اڳيان جبار جوڻيجو، سليم رضا ڏاھري، سني خان جوڻيجو، ڏاڙهو جانوري، شھيد رياض ڪلھوڙي جي والد علي نواز ڪلھوڙو، سھراب خان مري، اياز جلباڻي، عابد بلوچ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري ايس ايڇ او غلام شبير دلواڻي، ون فائيو انچارج لالا حميد پٺاڻ ۽ ٻين اهلڪارن خلاف نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ايس ٽي پي ضلعي اڳواڻ جبار جوڻيجو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ايس ايس پي سانگھڙ جي ھوندي شھيد رياض ڪلھوڙو جي خون سان ڪڏھن به انصاف نه ٿيندو، اسان ھن احتجاج ذريعي مطالبو ڪريون ٿا ته شھيد رياض ڪلھوڙو جي قتل جي عدالتي انڪوائري ڪرائي ملوث پوليس اھلڪارن کي گرفتار ڪري رياض ڪلھوڙو جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي. ايس ٽي پي ڊاڪٽر قادر مگسي جي قيادت ۾ سدائين مظلومن جي ڀرجھلو رھي آھي، ايس ٽي پي رياض ڪلھوڙو جي وارثن سان ھن وقت به گڏ آھي ۽ ھميشه گڏ رھندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button